Friday , April 19 2024

استادن کانپوءِ ڊاڪٽر به گوسڙو نڪتا،سنڌ سرڪار پاران 8 سالن کان 1500ڊاڪٽر غير حاضر هجڻ جو اعتراف

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ آڏو لکت ۾ اعتراف ڪيو  آهي ته، گذريل 8 سالن دوران 15 سئو ڊآڪٽرز غير حاضر/ گوسڙو آهن، جن ۾ 139 عورت ڊاڪٽرز به شامل آهن.جيڪي پنهنجين ڊيوٽين تي اچن ئي ڪو نه ٿا. صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو، سنڌ جي سرڪاري اسپتالنن بابت هڪ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ به جمع ڪرائي ڇڏي آهي. فضل الله پيچوهو پاران سپريم ڪورٽ ۾ 34 اسپتالن بابت 258 صفحن تي ٻڌل رپورٽ جمع ڪرائي.

صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صحت کاتي کي ڊاڪٽرز، اسٽاف نرسن ۽ طبي عملي جي سخت کوٽ آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 2011ع کان هن وقت تائين 1500 ڊاڪٽر غير حاضر آهن. جن ۾ 1213 ميڊيڪل آفيسر، 139 وومين ميڊيڪل آفيسر، 148 سينيئر ميڊيڪل آفيسر شامل آهن. رپورٽ موجب غير حاضر ڊاڪٽرن ۽ عملي کي برطرف ڪرڻ لاءِ سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي وئي آهي، اخبارن ۾ اشتهار ڏيڻ کانپوءِ غير حاضر ڊاڪٽرن کي برطرف ڪيو ويندو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي حاضري لازمي بڻائڻ جي لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته عملي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ شفاف مقرريون ڪرڻ جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي. فضل الله پيچوهو رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته تازو ئي 5402 نوان ڊاڪٽر به ڀرتي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اوزارن ۽ ٻي مشينري جي خريداري لاءِ ٽينڊر پڻ جاري ڪيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *