Friday , March 29 2024

ارسا ۾ وفاقي نمائندو سنڌ مان مقرر ڪرڻ وارو مامرو 6 سالن کان رولي ۾ پيل

اسلام آباد (سنڌسماءَچار نيوز) 6 سال گذري ويا پر انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪرڻ واري فيصلي تي اڃا تائين عمل نه پيو ڪيو وڃي، جنهن سان ارسان ۾ ٿيندڙ فيصلن تي پناجاب جي بالادستي رهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير پاران هڪ ڀيرو وري وفاقي حڪومت کي ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪرڻ لاءِ ٽن نالن جي نامزدگي واري سمري اماڻي ڇڏي آهي، وزيراعظم کي شڪايتي خط پڻ لکيو. ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪرڻ بابت اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ 2000ع ۾ فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن تحت هر ٽن سالن لاءِ ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪرڻ لازمي آهي پر 2010ع کان ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي.

پ پ جي موجوده حڪومت 3 سال اڳ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي به خط لکيو هو ۽ ان وقت خواجا آصف پاڻي ۽ بجلي جو وزير هو، ان وقت سنڌ حڪومت عباس لغاري جي نالي جي نامزدگي ڪئي پر وفاقي حڪومت ان جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو، پاڻي ۽ بجلي وزارت جي ذريعن موجب ته ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي حڪومت کي رٽائرڊ چيف انجنيئر ظهير حيدر شاهه، عطا محمد سومرو ۽ خالد ميمڻ جا نالا موڪليا آهن ته انهن مان ڪنهن به هڪ کي ارسا ۾ وفاق جو سنڌ مان ميمبر مقرر ڪيو وڃي، وڏي وزير پنهنجي خط ۾ مشرف دور ۾ ٿيل ان فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو آهي، جنهن تحت ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪرڻ لازمي آهي.

وڏي وزير پنهنجي موڪليل خط ۾ چيو آهي ته ٽن سالن جي مدي لاءِ انهن ٽنهي نالن مان ڪنهن به هڪ کي ميمبر مقرر ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ذريعن اهو به چيو آهي ته وڏي وزير ان فيصلي تي گذريل سالن کان مڪمل نه ڪرڻ بابت وزيراعظم کي پڻ الڳ خط لکيو آهي ته سنڌ سان زيادتي ڪئي پئي وڃي ۽ وفاق پنهنجي فيصلي جي انحرافي ڪري رهيو آهي، وفاق خود فيصلو ڪيو هو ته ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان هو پر هاڻي ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *