Friday , March 29 2024

احمدپور شرقيا ٽئنڪر سانحو شيل ڪمپني جي نااهلي سبب پيش آيو

bbahawalpur tanker 4bbahawalpur tanker 3

ملتان: ٻه هفتا اڳ احمدپور شرقيا ويجهوآئل ٽئنڪر جي ڪلٽي ٿيڻ بعد باهه لڳڻ واري سانحي جي جاچ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ تيل ڪمپني شيل کي ڏوهي قرار ڏيندي ڏنڊ به رکيو ويو آهي. ملتان مان سنڌسماءَچار جي خصوصي عيوضي کان مليل رپورٽ موجب، آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي پاران ٽئنڪر سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي رپورٽ اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ تيل ڪمپني شيل پاڪستان لميٽيڊ کي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي. اوگرا شيل ڪمپني تي سانحي ۾ فوت ٿيل سمورن شهرين جي وارثن کي 10-10 لک رپيا معاوضو ڏيڻ سميت قائدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي به ڏنڊ رکيو ويو آهي.

اوگرا جي جاچ ڪميٽي پاران جوڙيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، جنهن آئل ٽئنڪر ۾ پيٽرول منتقل ڪيو پي ويو ان جي فٽنيس وارو سرٽيفڪيٽ به ڪوڙو هو، جنهن کي به شيل ڪمپني جي اختيارين نظر انداز ڪيو. رپورٽ موجب 50 هزار آئل / پيٽرول کڻڻ واري آئل ٽئنڪر جو 5 ايڪسل وهيلر هجڻ لازمي آهي، ان کان گهٽ واري ايڪسل وهيلر ٽئنڪر ۾ ڪنهن به صورت يا مجبوري ۾ پيٽرو کڻڻ جي اجازت ناهي هوندي، پر سانحي جو شڪار بڻيل آئل ٽئنڪر 4 ايڪسل وهيلر ٽئنڪر هو. جاچ ڪميٽي جو چوڻ آهي ته سانحي جو ٻين سبب سان گڏ مک ڪارڻ به اهو ئي آهي ته 5 ايڪسل ٽئنڪر بجاءِ 4 ايڪسل ٽئنڪر هجڻ ئي آهي. اوگرا جي جاچ ڪميٽي اختيارين کي سفارش ڪئي آهي ته ڏنڊ سان گڏ قائدن، ضابطن ۽ قانون مطابق شيل ڪمپني خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

سنڌسماءَچار جي عيوضي موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران پيٽروليم شيون هڪ هنڌ کان ٻئي کڻي ويندڙ ٽئنڪرز ۽ ٻين گاڏين تي ڪرڙي نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيئن ٻيهجر اهڙي سانحي کان بچي سگهجي.

ياد رهي ته ٻه هفتا اڳ  ملتان جي احمدپور شرقيا واري علائقي ۾ آئل ٽئنڪر ڪلٽي ٿيڻ بعد علائقي واسين پاران هارجي پيل پيٽرول گڏ ڪري کنيون پي ويو ته اوچتو آئل کي باهه لڳي وئي هئي جنهن ۾ 70 کان وڌي ماڻهوٿڏي تي سڙي فوت ٿيا هئا، جنهن بعد 40 کا وڌيڪ زخمي علاج دوران فوت ٿي چڪا آهن. ٽئنڪر سانحي بعد وفاقي حڪومت پاران واقعي جي جاچ لاءِ اوگرا کي هدايت ڪئي جنهن جاچ بعد رپورٽ ۾ شيل ڪمپني کي قصور وار قرار ڏنو آهي. (سنڌسماءَچار(.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *