Friday , March 29 2024

احتساب عدالت نيب آصف، فريال، انورمجيد کي طلب ڪري ورتو

آصف زرداري، فريال ٽالپر، حسين لُوائي ۽ انور مجيد – سنڌسماءَچار فائل فوٽو
سيد قائم علي شاهه ۽ سيد مراد علي شاهه – سنڌسماءَچار فائل فوٽو

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪوڙن بئنڪ کاتن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي ابتدائي ٻڌڻي لاءِ تاريخ مقرر، احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، انور مجيد، حسين لوائي سميت سمورن جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي 8 اپريل تي طلب ڪري ورتو. راولپنڊي جي احتساب عدالت جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري کي 8 اپريل تي طلب ڪري ورتواحتساب عدالت نيب عملدارن ۽ پراسيڪيوٽر، آصف زرداري کانسواءِ فريال ٽالپر، انور مجيد، عبدالغني مجيد، حسين لوائي، زين ملڪ، نمر مجيد، ڪمال مجيد ۽ ٻين جوابدارن کي به 8 اپريل تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان کان اڳ جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ نيب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه کي 26 مارچ تي طلب ڪندي لاگاپيل رڪاڊ به آڻڻ جي هدايت ڪري چڪو آهي، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي نيب 27 مارچ تي طلب ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *