Saturday , April 20 2024

احتجاج ڪندڙ آبادگارن خلاف طاقت جو ٿورو استعمال ڪيو: گهرو وزير سهيل انور سيال

ڪراچي ( اصغر آزاد   سنڌ سماءَ چار ) سنڌ جي گهرو ۽ زراعت کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته حڪومت بلاول هائوس ويجهو احتجاج ڪندڙ ڪمند جي آبادگارن خلاف طاقت جو ٿورڙو استعمال ڪيو، احتجاج ڪندڙ آبادگارن جو ننڍو گروپ هو جنهن جي اڳواڻي پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ڪري رهيا هئا، ڪمند جي مقرر ڪيل سرڪاري اگهه تي شگر ملز وارن کي خدشا آهن. زراعت ۽ گهرو کاتن جي صوبائي وزير سهيل انور سيال پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، سنڌ حڪومت پاران ڪمند جو في مڻ اگهه 182 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، سهيل انور سيال چيو ته ڪمند جي سرڪاري اگهه تي شگرملز مالڪن کي خدشا آهن.

صوبائي وزير سهيل انور سيال گرفتار ڪيل آبادگارن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته بلاول هائوس ويجهو احتجاج ڪرڻ لاءِ آبادگارن لاڳاپيل ڊي سي کان اڳواٽ اجازت به نه ورتي وئي، ۽ احتجاج ريڊ زون ۾ ڪيو پي ويو. گهرو وزير سهيل انور سيال چيو ته بلاول هائوس ڏانهن وڃڻ کان روڪڻ لاءِ گهٽ کان گهٽ طاقت جو استعمال ڪيو ويو. ڪمند جي اگهه تي شگر ملز مالڪن خدشا ظاهر ڪيا آهن، آبادگارن سان ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪنداسين. هن چيو ته بااختيار هجان يا بي اختيار هجان پر گرفتار ڪيل سمورن آبادگارن کي آزاد ڪيو ويندو.

ڪٿي به شگر ملز ڪنهن آبادگار کان ڪمند نه کسيو آهي، اهڙي قسم جي اڇا تائين ڪا به شڪايت ناهي ملي. زراعت واري وزير جو چوڻ هو ته سرڪار يا پيپلز پارٽي کي ڪير به بليڪ ميل نٿو ڪري سگهي، اسان آبادگارن کي ڳالهين لاءِ گهرايو پر هو نه آيا ۽ ريڊ زون ۾ احتجاج شروع ڪيو.  آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي آزاد ڪرڻ واري سوال تي سهيل انور سيال چيو ته، آءِ جي واري معاملي تي وفاقي سرڪار کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن جو اڃا تائين ڪو به جواب ناهي مليو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *