Thursday , March 28 2024

اتر وزيرستان ۾ آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا، 7 جوان شهيد:آءِ ايس پي آر

راولپنڊي( سنڌسماءِچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران اتر وزيرستان ۾ 9 خطرناڪ دهشتگرد مارجي ويا آهن، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان جهيڙيندي 7 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، اتر وزيرستان ۾ آپريشن ردالفساد دوران سيڪيورٽي فورسز ڳجهو اطلاع ميلو ته ڪجهه دهشتگرد افغانستان کان پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيا آهن. اتر وزيرستان جي غر لامئي ۽ سپير ڪنر الگاڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو ۽ دهشتگردن سان مقابلو ٿيو. آءِ  ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري 9 دهشتگردن کي ماري وڌو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان جهيڙيندي پاڪ فوج جي ڪئپٽن جنيد سميت 7 جوان شهيد ٿي ويا. شهيد جوانن ۾ حوالدار عامر، حوالدار عاطف، حوالدار ناصر، سپاهي سميع ۽ سپاهي انور شامل آهن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ وارو عمل جاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *