Friday , March 29 2024

ابراهيم حيدري ۾ ٻارڙي سان زيادتي جي ڪوشش ناهي ٿي،هڪ سياسي اڳواڻ معاملي تي سياست ڪئي: سهيل انور سيال

ڪراچي( رپورٽر       سنڌ سماءَ چار) ڪراچي جي ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ اسڪول جي چوڪيدار تي ٻارڙيءَ سان زيادتي جي ڪوشش جي  الزام کانپوءِ مڇريل وارثن اسڪول تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي، چوڪيدار کي مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ٻارڙي جي گهر پهچي ويو ۽ چيو ته  ٻارڙي سان زيادتي نه ٿي آهي. صوبائي وزير سهيل انور سيال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ سياسي اڳواڻ سياسي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ واقعي کي ٻارڙي سان زيادتي  جو رنگ ڏنو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ الزام هيٺ آيل شخص پڪڙي بيٺل آهي

سهيل انور سيال چيو ته مون متاثر ڇوڪريءَ جي گهر پهچي سندس گهر ڀاتين کي خاطري ڪرائي آهي ته ٻارڙي سان ڪابه زيادتي نه ٿي آهي. هن چيو ته والدين جو چوڻ هو ته اسان ته اسڪول انتظاميا وٽ شڪايت لاءِ ويا هئاسين، قصور سانحي جو مون کي ۽ منهنجي پارٽي کي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي. هن چيو ته والدين، استاد ۽ ٻيا شهري آسپاس تي نظر رکن ۽  ٻارڙين کي ڄاڻ فراهم ڪن ته هو پنهنجو بچاءَ ڪيئن ڪري سگهن ٿيون. سهيل انور سيال چيو ته ايس ايڇ او ابراهيم حيدري غلط بياني کان ڪم ورتو،انڪري هن ايڊيشنل آئي جي کي هدايت ڪئي ته اهو ايس ايڇ او معطل ڪري. ان کان اڳ ۾ ٻارڙيءَ جي والدين اسڪول پهچي ڀڃ ڊاهه به ڪئي ۽ چوڪيدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ٽي وي چئنلز تي اهڙا فٽيجز به هليا آحن جن ۾ حليم عادل شيخ الزام هيٺ آيل شڪي جوابدار جنهن کي اڳ ئي سوگهو ڪيو ويو هو ان کي حليم عادل شيخ ڳچي کان پڪڙي کيس ڀونڊا به ڏئي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *