Friday , March 29 2024

آمريڪا پنهنجي هوڏ تي قائم، وري ” ڊو مور “ پاڪستان پنهنجي موقف تي بيٺل

اسلام آباد ( سنڌ سماءَ چار نيوز) آمريڪا ۽ پاڪستان پنهنجي موقفن ۾ تبديلي نه آندي، آمريڪا ٻيهر ”ڊور مور“ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پاڪستان جو موقف آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، خطي ۾ امن جو دارومدار ڪشمير مسئلي جي حل سان ڳنڍيل آهي، آمريڪا جي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته گڏيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪ کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن جون پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملڪي، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهيون، آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن پاڪستان جي دوري تي پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، دفاع وارو وزير خرم دستگير، پرڏيهي وزير خواجا آصف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا، ملاقات ۾ علائقائي، عالمي ۽ خطي جي صورتحال تي تفصيل سان ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوران وزيراعظم شاهد خاقان جو چوڻ هو ته آمريڪا سان بهترين لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، اقتصادي لاڳاپن کي به هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ جاري آهي، ان جنگ ۾ پاڪستان پرعزم آهي، پاڪستان ملاقات ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان جي پاليسي پاڙيسري ملڪن سان پرامن، خطي ۾ استحڪام ۽ گڏيل سهڪار تي ٻڌل آهي، خاص طور تي افغانستان ۾ استحڪام ۽ امن آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، آمريڪا تي واضح ڪيو ويو ته خطي ۾ امن استحڪام جو دارومدار ڪشمير مسئلي جي حل ۾ آهي.

پاڪستان موقف اختيار ڪيو ته ڪشمير ۾ انساني حقن جي سخت ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، ڀارتي فوج شهرين تي سخت تشدد ڪري رهي آهي، پاڪستان موقف اختيار ڪيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. پاڪستان چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي فوج ۽ ايجنسين وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ پاڪ-افغان سرحد کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پڻ وڏي پئماني تي ڪوششون ورتيون پيون وڃن، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن ڳالهين واري عمل کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن امن لاءِ راهه هموار ٿي سگهي. ان موقعي تي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي اعليٰ سطحي ڳالهين واري عمل کي جاري رکڻ تي زور ڀريو ۽ وزيراعظم آمريڪي وفد کي حڪومت پاران امن امان ۽ ملڪي معيشت لاءِ کنيل اپائن بابت پڻ آگاهي ڏني ۽ چيو ته حڪومتي قدمن سان پرڏيهي سيڙپڪاري ملڪ ۾ اچي رهي آهي، ٻنهي ملڪن جي وفدن ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي صورتحال تي تفصيل سان ڳالهيون ڪيون.

ڊو مور واري آمريڪي مطالبي تي پڻ پاڪستان جي وفد جو موقف هو ته پاڪستان پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي، تنهن ڪري اهڙِي تقاضا ڪرڻ اجائي آهي، جڏهن ته آمريڪا جي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن چيو آهي ته گڏيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ضروري آهن، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي وفد پاڪستان کي ملاقات ۾ صدر ٽرمپ جو ڊو مور جو پيغام پڻ ڏنو آهي ۽ دهشتگردن خلاف وڌيڪ ڪارروايون ڪرڻ تي زور ڀريو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *