Thursday , March 28 2024

آمريڪا نواز افغان حڪومت طالبان کي سياسي حيثيت قرار ڏئي ڇڏيو- امن طالبان جي هٿ ۾ آهي:اشرف غني

ڪابل (سنڌسماءَچارمانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان ۾ آمريڪا نواز حڪومت افغانستان ۾ موجود طالبان کي سياسي حيثيت ڏيندي سياسي ڌر طور قبولي ورتو آهي، جنهن  تي آمريڪا اڃاتائين خاموش تماشائي بڻيل آهي. افغانستان جي صدر اشرف غني افغانستان جو امن طالبان جي هٿ ۾ جو اعتراف ڪندي اڻسڌي طرح سان افغانستان آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي ناڪامي جو اقرار ڪندي چيو آهي ته، پاڪستان سان گڏ ماضي کي وساري نئين باب جو آغاز ڪرڻ چاهيون ٿا. افغان ميڊيا موجب ڪابل امن ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي صدر اشرف غني طالبان سان گڏ امن مذاڪرن جي آڇ ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ کين ڪابل ۾ آفيس کولڻ جي آڇ پڻ ڪري ڇڏي آهي.

افغانستان جي صدر اشرف غني طالبان ۽ سندن ڪٽنب کي ويزا ۽ پاسپورٽ جي فراهمي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته طالبان اڳواڻن تي لڳل پابنديون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪنداسين. سندس چوڻ آهي ته طالبان سان گڏ امن عمل ۽ جنگ بندي تي اتفاق ڪرڻ گھرجي. افغانستان کي محفوظ ملڪ بڻائڻ لاءِ طالبان اسان جو ساٿ ڏين. صدر اشرف غني جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان به ڳالهيون ڪرڻ گھرجن ۽ ماضي کي وساري نئين شروعات ڪرڻ گھرجي. افغان صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان افعانستان سان حڪومتي سطح تي ڳالهيون ڪري، جنهن جي لاءِ بهترين هنڌ ڪابل آهي. هن چيو ته طالبان کي افغان آئين ۽ سرڪار کي مڃڻ گهرجي. افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پنهنجي نوعيت جي ٻي بين الاقوامي امن ڪانفرنس شروع ٿي وئي آهي. جرمن سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب سخت سيڪيورٽي پهري هيٺ ٿيندڙ ان ڪانفرنس ۾ 25 ملڪن جا نمائندا ۽ ٽن بين الاقوامي تنظيمن جا وفد شريڪ آهن. ان ڪانفرنس جو مقصد افغان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۽ 16 ساله افغان جنگ جو ڪنهن طريقي سان خاتمو ڪرڻ ٻڌايو ويو آهي. اندازي مطابق افغانستان جو 40 سيڪڙو حصو طالبان جي ڪنٽرول هيٺ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *