Saturday , April 20 2024

آمريڪا جو لشڪرطيبه خلاف ڪارروائي جو شرط ختم، پاڪستان لاءِ 35 بلين ڊالرز جي امداد جو فيصلو

واشنگٽن (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا پاران پاڪ-افغان جنگ واري امريڪي منصوبي ”ڪوليشن فنڊ“ جي مد ۾ پاڪتان لاءِ 35 بلين ڊالرزڏيڻ جو فيصلو ڪندي، اهو شرط به ختم ڪئي وڃي. پاڪ امريڪا حقاني نيٽ ورڪ خلاف گڏيل ڪارروائي تي به گڏيل حڪمت عملي مطابق ڪارروائي ڪندا.

آمريڪا دفاعي بجيٽ ۾ پاڪستان لاءِ 35 بلين ڊالر رکي ڇڏيا آهن.تفصيل مطابق آمريڪي ڪانگريس 700 بلين ڊالر جي دفاعي بجيٽ منظور ڪري ورتي آهي، بجيٽ تحت 623 ارب ڊالر دفاعي ضرورتن لاءِ، جڏهن ته پرڏيهه ۾ آمريڪا جي دفاعي خرچن لاءِ 66 ارب ڊالر مختص ڪيا ويا آهن. 66 ارب ڊالرز مان پاڪستان لاءِ ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي مد ۾ 35 بلين ڊالر رکيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي ذريعن مطابق آمريڪي ڪانگريس ۾ منظور ٿيل دفاعي بل مان لشڪر طيبه خلاف تڪڙي ڪارروائي جو شرط ختم ڪيو ويو آهي. امريڪي اختيارين پاران ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو آهي ته؛ حقاني نيٽ ورڪ خلاف گڏيل طور تي ڪارروايون ڪيون وينديون. جنهن تحت حقاني نيٽ ورڪ جي خاتمي لاءِ آمريڪا افغانستان ۽ پاڪستان سان گڏجي ڪارروايون ڪندو،جڏهن ته آمريڪي سيڪريٽري دفاع جيمز ميٽس پاڪستان کي امداد ڏيڻ کان اڳ پاڪ فوج جي حقاني نيٽ ورڪ جي مبينا محفوظ پناهگاهن خلاف مؤثر ڪارروائي جي تصديق ڪندو ۽ ان ڳالهه جي به تصديق ڪندو ته پاڪستان افغان حڪومت سان سرحد تي دهشتگردن جي سرگرمين روڪڻ لاءِ رابطا ڪيا آهن، سيڪريٽري دفاع جيمز ميٽس جيستائين ڪانگريس جي ڊفينس ڪاميٽي کي تصديق نه ڪرائيندو تيستائين ٽرمپ انتظاميا پاڪستان جي امداد روڪي سگهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *