Friday , March 29 2024

آغا سراج دراني جي بئنڪ لاڪرز مان روڪ رقم ۽ وڏي مقدار ۾ سون هٿ

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) عدالتي اجازت ۽ مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ نيب جو نجي بئنڪ ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني جا لاڪرز هٿ ڪري ورتا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي جاچ ٽيم عدالتي اجازت ۽ مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ لاڪرز کولرائي (مبيناطور ٽوڙي) ملڪي ۽ غير ملڪي ڪرنسي، سون، مهانگين ملڪيتن جا دستاويز هٿ ڪري ورتا آهن. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي خلاف ڪرپشن الزامن جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، www.sindhsamaachar.com کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، آمدني کان وڌيڪ ملڪيتن سميت ڪرپشن جي مختلف الزامن هيٺ نيب پاران ڪيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ آصف زرداري جي بااعتماد ساٿي آغا سراج دراني لاءِ پريشانيون گهٽجڻ بدران وڌي ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته، نيب کي آغا سراج دراني جي گهر تي ڇاپي دوران هٿ آيل ڪجهه اهم دستاويزن مان مليل معلومات جي بنياد تي آغا سراج دراني کان به پڇاڳاڇا ڪئي پر هُن نيب کي ان بابت ڪا به معلومات ڏيڻ بدران بئنڪ لاڪرز هجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، آغا سراج جاچ دوران هڪ نجي بئنڪ ۾ پنهنجي لاڪرز بابت ٻڌايو ضرور هو پر جڏهن انهن جي جاچ پڙتال ڪئي وئي ته انهن ۾ عام نوعيت جا ڪاغذ پٽ مليا. ذريعن کان www.sindhsamaachar.com کي وڌيڪ مليل ڄاڻ مطابق گذريل وڏي عرصي کان بظاهر آغا سراج دراني جا ذاتي ۽ عام حالتن ۾ مقررين بدلين توڙي اُٿي ويٺي وارن معاملن کي سنڀاليندڙ شخص کان پڇاڳاڇا دوران مليل معلومات جي بنياد تي نيب کي آغا سراج دراني جي هڪ نجي بئنڪ ۾ ڪجهه لاڪرز بابت معلومات ملي وئي، جنهن بنياد تي نيب پاران قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي. سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب عدالت اجازت ۽ مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ بئنڪ لاڪرز کولرايا (مبينا طور ٽوڙايا). جن مان وڏي مقدار ۾ سونا زيور، سون جا بسڪٽ هٿ ڪيا ويا، جنهن جي ماليت ڪروڙين رپيا ٻڌائي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته لاڪرز مان اربين رپين جي ماليت واري ڪرنسي به ملي آهي، جنهن ۾ پاڪستاني رپين کانسواءِ ڊالرز، يوروز ۽ درهم به شامل آهن. www.sindhsamaachar.com جي ذريعن موجب نيب جي ٽيم نجي بئنڪ ۾ آغا سراج دُراني جي 3 لاڪر کولرايا/ ٽوڙيا، جن مان ريال ۽ ڊالرز ڪرنسي جي صورت ۾ وڏي رقم تحويل ۾ ورتي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *