Friday , April 19 2024

آغا خان اسپتال انتظاميا جي هٺ ڌرمي سبب سينئر صحافي مشتاق هاشماڻي زندگي جي جنگ هارائي ويو

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار نيوز) سينئر صحافي مشتاق هاشماڻي ڪراچي جي خانگي اسپتال آغا خان ۾ علاج دوران 17 لک رپين جي رقم جو بندوبست نه ڪري سگهڻ سبب زندگي جي جنگ هارائي. وارثن جو چوڻ آهي ته اسپتال انتظاميا، بل ادا ڪرڻ دير سبب 3 ڏينهن تائين مشتاق جون دوائون به بند ڪري ڇڏيون هيون.

مختلف سنڌي اخبارن ۾ صحافتي ذميواريون نڀائيندڙ سينئر صحافي مشتاق هاشماڻي آچر ڏينهن موت سان جهيڙيندي 17 لک رپيا نه هجڻ سبب اسپتال ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو. ان سلسلي ۾ سينئر صحافي قاضي آصف جو چوڻ آهي ته، مشتاق هاشماڻي طبي موت نه پر ان کي قتل ڪيو ويو آهي.

قاضي آصف پاران مشتاق هاشماڻي جي ڀاءُ ڊاڪٽر فياض هاشماڻي کين ٻڌايو آهي ته، مشتاق کي بيماري سبب خانگي اسپتال آغا خان ۾ داخل ڪيو ويو هو، داخلا وقت 4 لک رپيا جمع ڪرايا هئا ۽ علاج هلندو رهيو. فياض هاشماڻي موجب، ڪجهه ڏينهن پرهيان اسپتال انتظاميا 21 لک رپين جو بل ڪڍيو ۽ اهو جلد جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. رقم جو بندوبست ڪرڻ ۾ 3 ڏينهن لڳا پر گهربل رقم جو بندوبست ٿي نه سگهيو. قاضي آصف، ڊاڪٽر فياض جي حوالي سان لکيو آهي ته، اسان رقم جو بنبست ڪرڻ ۾ مصروف هياسين ان دوران گذريل اربع واري ڏينهن اسپتال انتظاميا، چيو ته مشتاق جي طبعيت بهتر ٿي وئي آهي ۽ هاڻي کيس گهر کڻائي وڃي سگهو ٿا پر ان لاءِ پهريا بل ادا ڪرڻو پوندو.  ڊاڪٽر فياض هاشماڻي جو چُڻ آهي ته، سان رقم جو بلو ڪرڻ ۾ اڳ ئي مصروف هياسين، پر اسپتال انتظاميا مشتاق هاشماڻي جو دوائون بند ڪري ڇڏيون.

فياض هاشماڻي چيو ته هنن اسپتال انتظاميا کي چيو ته اسان کي دوائون لکي ڏيو ته ٻاهرسان وٺي مريض کي کارايون؛ پر اسپتال انتظاميا ائين ڪرڻ نه ڏنو. مشتاق جون 3 ڏينهن تائين دوائون بند هيون، جنهن جو کيس پتو پئجي ويو. اسپتال انتظاميا دوائون بند ڪري ڇڏيون، اسان کي ٻاهران خريد ڪري ڏيڻ جي اجازت نه ڏني ۽ بيڊ چارجز به لڳائيندي رهي. فياض هاشماڻي مطابق 3 ڏينهن تائين دوائون نه مليون ۽ آچر ڏينهن کيس دل جو دورو پئجي ويو، جنهن نتيجي مشتاق هاشماڻي زندگي جي جنگ آغاخان اسپتال انتظاميا کان هارائي ويو.

مشتاق هاشماڻي جي ڀاءُ فياض هاشماڻي موجب، اسان  اسپتال انتظاميا کي هر طرح جون ضمانتون ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر انهن هڪ به نه ٻڌي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *