Friday , March 29 2024

آصف زرداري ۽ ملڪ اسد سڪندر وچ ۾ ڦڏي جو ڊراپ سين ٿيڻ وارو

Malak AsadHYDERABAD, PAKISTAN, FEB 21: Awami Ittehad Party (AIP) leader, Malik Changez Khan addresses press conference at Hyderabad press club on Tuesday, February 21, 2012. (Aftab Ahmed/PPI Images).

ڄامشوري جي زمين تان اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر ۽ سندس ساٿين وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ڊراپ سين طرف وڌي رهي آهي. ملڪ چنگيز جي بلاول هائوس ۾ شموليت واري اعلان جي تقريب جي پ پ ڳواڻن مخالفت ڪري ڇڏي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب ملڪ اسد سڪندر پاران آصف زرداري کي زمينن جي وڪري سميت مختلف مامرن تي ٺپ جواب ڏيڻ تان کيس ٽف ٽائيم ڏيڻ واري آصف زرداري پلان تي عمل شروع ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ملڪ اسد سڪندر جي سخت مخالف سمجهيو ويندڙ ۽ سياسي مخالف ملڪ چنگيز خان کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ڪري ڄامشوري ضلعي ۾ اسد سڪندر جي متبادل طور سامهون آڻڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب ملڪ چنگيز خان کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سندس شرط منظوور ڪيا ويا آهن، جنهن بعد فريال ٽالپر ملڪ اسد سڪندر جي سياسي مخالف ملڪ چنگيز جي پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اعلان ڪرائڻ لاءِ تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن.

HYDERABAD, PAKISTAN, FEB 21: Awami Ittehad Party (AIP) leader, Malik Changez Khan addresses press conference at Hyderabad press club on Tuesday, February 21, 2012. (Aftab Ahmed/PPI Images).biloo faryalDadu Asif zardari

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ چنگيز جي پ پ ۾ شموليت واري فيصلي جي پ پ جي ڪجھ اهم ۽ بااثر اڳواڻ ان ڳالھ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي ته ملڪ اسد سڪندر کي سائيڊ لائين ڪري سندس مخالف کي پ پ ۾ شامل ڪرايو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، اهو ڪارڻ آهي جو ملڪ چنگيز خان جي پ پ ۾ شموليت لاءِ پ پ ميڊيا سيل ڪراچي ۽ بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس / تقريب جي به سخت مخالفت ڪئي وئي. پ پ جي ئي ذريعن موجب اهو ئي ڪارڻ آهي ته ڇنڇر 22 جولاءِ تي ملڪ چنگيز جي پارٽي ۾ شموليت لاءِ اعلان لاءِ جڳھ / هنڌ طئه نه ٿي سگهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ چنگيز اڄ رات يا وري ايندڙ هفتي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندو. سندس اهڙي اعلان واري تقريب ۾ فريال ٽالپر شرڪت ڪندي.

ملڪ اسد سڪندر کي ايندڙ چونڊن تائين پ پ نه ڇڏڻ ۽ ٽڪراءَ کان پاسو ڪرڻ جو مشورو

Malak Asad 02

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب پيپلز پارٽي ڄامشورو جي اهم اڳواڻ ملڪ اسد سڪندر کي ٽف ٽائيم ملڻ باوجود کيس هدايت ڪئي وپئي آهي ته هُو في الحال ڪو به سياسي فيصلو ڪرڻ ۾ اُٻهرائپ نه ڪري. ذريعن موجب ملڪ اسد سڪندر کي سينئر پارٽي اڳواڻن، پنجاب جي هڪ اهم پ پ اڳواڻ ۽ ”بااثر ڌرين“ پاران ملڪ اسد سڪندر کي هدايت ڪئي وئي آهي ته، موجوده صوورتحال کي منهن ڏئي، جنهن ۾ اُهي سندس مدد ڪندا رهندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ”بااثر ڌرين“ ۽ پارٽي جي سينئر پارٽي اڳواڻن ۽ ملڪ اسد سڪندر کي ان ڳالھ کان به روڪي ڇڏيو آهي ته، هُو يا سندس اهم ۽ انتهائي ويجها ماڻهو في الحال ڪو به سخت ردعمل ظاهر نه ڪن ۽ علائقي ۾ به ڪليش ۾ اچڻ يا ڪنهن ٻئي ڌر پارا اهڙي ڪنهن به صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي به نظر انداز ڪن ۽ صرف پنهنجي بچاءَ جي ڪوششن ڪن ان کان وڌيڪ ڪو به اهڙو عمل نه ڪيو وڃي جنهن سان سندس گروپ قانون جي پڪڙ ۾ اچي وڃي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *