Friday , March 29 2024

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ٻيهر 4 اگسٽ تي ايف آءِ اي هيڊڪوارٽرز طلب

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر آصف زرداري  ۽ فريال ٽالپر کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي پاران 4 آگسٽ تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ايف آءِ اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي کان جعلي اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ بابت سوال جواب ڪيا ويندا، فريال ٽالپر ايف آءِ اي جي چالان ۾ پنهنجو ۽ آصف زرداري جو نالو جوابدار طور شامل ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. ايف آئي اي،مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي جي آئي ٽي ۾ بيان ريڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ 4 آگسٽ تي گهرائي ورتو آهي.

ايف آئي اي اڪائونٽس ذريعي  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 32 جوابدارن جي خلاف جاچ ڪري رهي آهي، جن ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر به شامل آهن، ان سلسلي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ خانگي بينڪ جي اڳوڻي صدر حسين لوائي کي به گرفتار ڪيو ويو هو. وفاقي جاچ ڪندڙ اداري ايف آئي اي  اليڪشن کان اڳ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جاچ ڪندڙ عملدار جي سامهون پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس  جاري ڪيا هئا، پر ٻنهي اهم شخصيتن جي قانوني ٽيم پيش ٿي هئي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ساڳي ڪيس ۾ ايف آئي اي کي هدايت ڪئي هئي ته ٻنهي شخصيتن کي اليڪشن تائين نه گهرايو وڃي. ايف آئي اي آصف زرداري ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي هن ڀيري جي آئي ٽي  جي سامهون پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن. ايف آئي اي جي نوٽيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي 4 آگسٽ تي ايف آئي اي هيڊڪوارٽر اسلام آباد گهرايو ويو آهي ۽ ٻنهي شخصيتن کي جي آئي ٽي ۾ بيان ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *