Friday , March 29 2024

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جاچ ۾ ايف آءِ اي سان سهڪار ڪن، ساڻن زيادتي ٿيڻ نه ڏبي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(رپورٽر سنڌسماءَچار) سُپريم ڪورٽ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي ايف آءِ اي آڏو پيش ٿي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو آهي ته چوري جو مال هضم ڪرڻ نه ڏينداسين، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جو اسڪينڊل سان ڪوبه واسطو نه آهي ته اهي عدالت مان سـُرخـرُو ٿي ويندا. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيو.  ٻڌڻي دوران فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته مون کي 15 منٽ ڏنا وڃن، سڄي صورتحال واضح ڪري ڇڏيندس، پوءِ عدالت جيڪو حڪم ڏيندي، اهو قبول ڪندس. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اسان بابت مني لانڊرنگ جو غلط تاثر ڏنو پيو وڃي، پرڏيهه ۾ به اهڙن تاثرن جي ڪري ناڪاري اثر پيدا ٿي رهيا آهن. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان تاثرن کي ڇڏيو، قانون جي ڳالهه ڪيو، تاثر پاڪستان ۾ روزانو تبديل ٿيندا رهندا آهن. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته مان قانون جي ڳالهه ڪندس، ڪيس جي 2003 کان جاچ هلي پئي ۽ سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي ته انهيءَ ۾ ڪا به مداخلت نه ڪئي ويندي.

فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته چونڊن کان اڳ اوهان چيو هو ته 31 آگسٽ کان اڳ ڪنهن کي به طلب نه ڪيو وڃي، ايف آءِ اي 25 آگسٽ تي طلب ڪيو ۽ سندن اصيلن کي روپوش جوابدار قرار ڏنو.  فاروق ايڇ نائڪ چيو ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر چونڊ وڙهي رهيا هئا، انهن ايف آءِ اي کي خط لکي آگاهه به ڪيو هو، اهي روپوش ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟، هي پري پول ريگنگ هئي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ڇا اسان جاچ روڪي ڇڏيو، جنهن تي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته بلڪل نه، جاچ ۾ ڪو به مداخلت نه ٿو ڪري سگهي، جنهن قانون تحت جاچ ٿي رهي آهي، اها عوامي عهديدارن خلاف آهي. چيف جسٽس چيو ته معامي جي جاچ لاءِ پاناما جهڙي جي آءِ ٽي  جوڙي سگهون ٿا، ڪنهن کي به چوري جو مال هضم ڪرڻ نه ڏينداسين، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جو اسڪينڊل سان ڪوبه واسطو نه آهي ته پوءِ اهي عدالت مان سـُرخـرُو ٿي ويندا، سُپريم ڪورٽ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي ايف آءِ اي آڏو پيش ٿي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *