Friday , April 19 2024

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڌار ڌار پريس ڪانفرنس ڪرڻ وارا

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ڌار ڌار اهم پريس ڪانفرنس ڪرڻ وارا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي جي پريس ڪانرنفس انتهائي ڪاوڙ ۽ جذباتي لهجي تي مشتمل هوندي. آصف زرداري اسلام آباد ۽ بلاول ڀٽو زرداري لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندا. گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ پاران مني لانڊرنگ ۽ ڪوڙن بئنڪ کاتن جي ڪيسز ۾ آصف زرداري، بلاول، مراد علي شاهه، فريال  ٽالپر، انور مجيد ۽ سنڌ حڪومت پاران داخل نظرثاني واريون درخواستون رد ٿيڻ بعد پيپلز پارٽي پاران حڪومت خلاف سخت رويو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف زرداري پاران اسلام آباد ۾ پنهنجي قانوني ٽيم ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻن سان ٻن ڪلاڪن تائين ميٽنگ ڪري جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيسز ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ، سپريم ڪورٽ جي 7 جنوري واري فيصلي ۽ نظرثاني درخواستون رد ٿيڻ وارن معاملن تي ويچاريون ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ڪجهه پارٽي جي سينئر اڳواڻن ۽ قانوني ماهرن کي به ان ميٽنگ ۾ شرڪت لاءِ پيغام اماڻيو هو پر انهن ذاتي مصروفيتنو ۽ ڪجهه ٻيا جواز ڄاڻائي شرڪت کان معذرت ڪئي هئي. آصف زرداري ان سلسلي ۾ اڄ اسلام باد ۾ اڄ  شام اهم پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي.

پريس ڪانفرنس ۾ آصف زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي، شهيد بينظير ڀٽو خلاف ڪيسن سميت پنهنجي خلاف داخل ڪرايل ماضي توڙي موجوده وقت ۾ ڪيسن تي ڳالهائيندو. پيپلز پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ايف آءِ  ايس سميت جي آءِ ٽي ۾ شامل ٻين ادارن بابت به سوال اٿاريندو. آصف زرداري سپريم ڪورٽ جي پاڻ مرادو نوٽيس واري اختيارن ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس سنڌ مان منتقل ڪرڻ تي به ڳالهايو ويندو. ٻي پاسي پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به اڄ لنڊن ۾ اهم پريس ڪانفرنس سڏائي آهي. بلاول به جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ نظرثاني درخواست رد ٿيڻ ۽ ان ڪيس سان لاڳاپيل معاملن، 18 ترميم ۽ ٻين معاملن تي ڳالهائيندو.

لاڳاپيل خبر پڙهي سگهو ٿا

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس: نظرثاني جون سموريون درخواستون رد

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *