Friday , March 29 2024

آصف زرداري پاران عمران خان کي مفاهمت جي آڇ تي پ پ قيادت ورهائجي وئي

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر۽ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري پاران پي  ٽي آءِ جي حڪومت کي ملڪي مفادن تحت گڏجي ڪم ڪرڻ واري آڇ تي پيپلزپارٽي جي سينئر مرڪزي اڳواڻن سخت مخالفت ڪري ڇڏي آهي، پ پ جي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، سينئر اڳواڻن جو چوڻ آهي ته، حڪومت جي مختلف قانون سازي لاءِ ”پارليامينٽ اندر اصولي بنيادن تي سهڪار کانسواءِ  پارليامينٽ کان ٻاهر سهڪار نه ڪيو وڃي“. اڳوڻي صدر آصف زرداري پاران وفاقي حڪومت کي سهڪار جي آڇ بابت سنڌ سماءَچار پاران جڏهن پ پ پ جي سينئر اڳواڻ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ته هُن نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو،”مفاهمت پ پ پ جو حال اهو ڪيو آهي جو سنڌ کانسواءِ ڪنهن صوبي ۾ مجموعي طور تي 10 سيٽون به نه ٿا کڻي سگهون گذريل عام چونڊن ۾ پنجاب يا ڪي پي ۾ سيٽون مليون اُهي انهن ماڻهن جي پنهنجي ذاتي حيثيت مطابق مليون، انهن ۾ پارٽي جو ووٽ ايترو نه هو جو اُهي ڪامياب ٿي سگهن ها“. پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به عمران خان سان سهڪار جي ڳالهه ڪئي ۽ اها به پارليامينٽ اندر ته پوءِ پارٽي جا اڳواڻ مخالفت ڪيئن ٿا ڪري سگهن؟ واري سوال تي پ پ جي ان اڳواڻ چيو ته، بلاول ڀٽو زرداري ڪنهن به صورت ۾ عمران خان سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

بلاول جيڪا ڳالهه ڪئي هئي (عمران خان پارليامينٽ ۾ هجي ها ته مان چوان ها هم آپ ڪي ساٿ هين) اها اصل ۾ آصف زرداري جي سڌي سهڪار واري بيان جي خلاف هو، ڇو ته پي ٽي آءِ سان سهڪار نه ڪرڻ جي سوچ رکندڙ پارٽي جي سينئر اڳواڻن جو لڏو عمران خان جي حڪومت کي صرف پارليامينٽ اندر ئي مختلف آئيني معاملن تي سهڪار کانسواءِ ڪنهن به مدد ڪرڻ جي خلاف آهي“. هن ٻڌايو ته پ پ پ کي سنڌ، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ سياسي نقصان نواز ليگ گهٽ پر پي ٽي آءِ وڌيڪ پهچايو آهي. ايم ڪيو ايم جي ڪمزور ٿيڻ سان اسان جو ووٽ بئنڪ وڌيو پر ان کي تحريڪ انصاف کاٽ هڻي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 صوبائي ۽ 2 ايم اين اي (مختلف علائقن) جون سيٽون کسجي ويون. پ پ جي سينئر اڳواڻ سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ماضي ۾ سنڌ اندر ن ليگ به اسان کي نقصان نه پهچايو هو جيترو ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي ٻين تڪن تي پي ٽي آءِ جيڪري ڏکيائيون ڏسڻيون پيون. اهو ئي ڪارڻ آهي ته جو اسان پ پ پنجاب جي سينئر اڳواڻن کي (جيڪي اڳ ئي شريڪ چيئرمين جي پاليسين سان اختلاف رکي رهيا هئا) معاملن کان تفصيل سان آگاهه ڪيو“.

اوهان پاڻ سڌي ڳالهه پارٽي چيئرمين يا شريڪ چيئرمين سان چو نه رکي؟ واري سوال جو کلندي جواب ڏيندي چيو ته، ” پارٽي ۾ اسان جهڙن ماڻهن کي چريو سڏيو ويندو آهي، هاڻي ته اسان ڄڻ پارٽي تي بار سمجهيا وڃون ٿا، حاجي مظفر شجراع کان پوءِ بس ڍڪي ڀلي آهي“، پ پ جي سينئر اڳواڻ جو چوڻ هو.ڇا حڪومت خلاف پارليامينٽ کان ٻاهر ڪنهن به سياسي تحريڪ ۾ پ پ حصيدار بڻجندي؟ جي سوال تي هن چيو ته، پارليامينٽ کان ٻاهرايندڙ سال فيبروري مهيني تائين پارليامينٽ کان ٻاهر حڪومت مخالف ڪجهه ٿيڻ وارو نه آهي. فيبروري جي آخري هفتي کان چرپر شروع ٿيندي ۽ مارچ مهيني کانپوءِ ئي حڪومت مخالف سرگرميون شروع ٿي وينديون، انهن سرگرمين جي شروعات پنجاب مان ٿيندي، هن ڀيري حڪومت مخالف سرگرمين ۾ سنڌ ٽئين نمبر تي هوندي، سنڌ ۾ ڪنهن به سياسي ايڊونچر جو ماحول نه آهي، جنهن جو ڪارڻ سياسي ڌريون مختلف پاڪيٽس (ٽولين) ۾ ورهائجي ويون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *