Friday , March 29 2024

آصف زرداري پاران دل تي پٿر رکي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ راضپو ظاهر

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر ۽ مفاهمت جي بادشاهه طور سڃاتو ويندڙ آصف علي زرداري نيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف سان گڏجي هلڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪندي چيو آهي ته، اسان دل پٿر رکي ن ليگ جي حڪومت جي حمايت ڪئي ۽ هاڻي پي ٽي آئي جي حڪومت جي به حمايت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، هيليڪاپٽر جو تيل بچائڻ سان ملڪ اڳتي نه وڌي سگهندو، اسان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پنج سال حڪومت کي سپورٽ ڪنداسين، پاڻي جو مسئلو هيومن رائيٽس جو اشو آهي. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي اڳوڻي صدر چيو ته 20 کان 25 سالن کانپوءِ ايوان ۾ خطاب ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته پاڪستان تي قرض کي قرض نه ٿو سمجهان، ٻه ٽي ارب ڊالرمليا آهن، اهي ملڪي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهن. آصف علي زرداري چيو ته، پاڪستان کي مضبوط بڻائڻو آهي پر شارٽ ٽرم ٽرانزيشن سان نه، ان لاءِ سڀني کي گڏ ويهي حل ڪڍڻ گهرجي. اڳوڻي صدر چيو ته معيشيت کي بهتر ڪيو ويو ته مسئلو حل ٿي ويندو، هيلي ڪاپٽرز جو ڊيزل بچائڻ سان ملڪ نه هلندو. هن چيو ته جمهوريت ۾ ڪمزوريون ضرور آهن پر هر سياسي جماعت جي پنهنجي سوچ آهي. مون 12 سال جيل ڪاٽي آهي، هاڻ مان 63، 64 سالن جو آهيان، آخر ڪڏهن اسان پنهنجي ٻارڙن لاءِ پاڪستان ٺاهينداسين، اچو ته گڏجي ڪم ڪريون. آصف علي زرداري چيو ته اوهان اپوزيشن جي موڊ مان ٻاهر نڪري اچو، اسان آخر ڪيستائين هڪ ٻئي جي ڪردارڪشي ڪندا رهنداسين. هن چيو ته سمورن ايشوز تي حڪومت سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيون، وقت اچي ويو آهي ته هڪ ٻئي سان گڏجي اڳتي وڌجي، پاڻي جو مسئلو هيومن رائيٽس جو اشو آهي.آصف زرداري حڪومت کي آڇ ڪندي چيو ته اسان ميان صاحب سان به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين ۽ اوهان سان به  گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *