Thursday , April 25 2024

آصف زرداري جي اختيارن کي سندس ڌيئرن چئلينج ڪيو..!!

333

سينيٽر سعيد غني چيو آهي ته مروت جي پ پ ۾ شموليت ۾ هُو رڪاوٽ ناهي بڻيو سندس الزام اجايا آهن.

اڳوڻي ايم پي اي عرفان الله مروت شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻين جي تنقيد کانپوءِ يو ٽرن وٺي ڇڏيو ۽ پ پ ۾ شموليت ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته پ پ ۾ شموليت ناهي ڪئي صرف پ پ سان گڏ هلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته آصف زرداري جي ڌيئرن کي گمراهه ڪيو ويو آهي،  مون تي لڳايل الزام بي بنياد آهن، وينا حيات جي الزامن بابت عدالتي ڪميشن جي رپورٽ موجود آهي.ميڊيا ۾ منهنجي خلاف خبرون هلرائي آصف زرداري جي اختيارن کي چئلينج ڪيو ويو آهي. هن اهو به چيو ته آصف علي زرداريءَ سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن ۽ اسان گڏ هلڻ جو طئي ڪيو هيو، هي سڀ ڪجھه منهنجي تڪ جو سينيٽر ڪرائي رهيو آهي ۽ هو آصف زرداري ۽ سندس ڌيئرن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪري رهيو آهي. پر مون پاڻ تي لڳل الزامن جو فيصلو آصف زرداري تي ڇڏي ڏنو آهي.

saeed Ghani1Marwat1

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *