Thursday , March 28 2024

آصف زرداري جو ويجهو دوست ۽ مشهور بئنڪر حسين لوائي گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرمين، سمٽ ۽ مسلم ڪمرشل بئنڪ جي اڳوڻي صدر ۽ آصف زرداري جي ويجهو دوست حسين لَوائي کي ايف آءِ اي گرفتار ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، حسين لوائي کان آصف زرداري جي دوست ۽ سنڌ حڪومت جي وڏي ٺيڪيدار بابت به پڇاڳا ڪئي پئي وڃي. فيڊرل انويسٽيگيش ايجنسي (ايف آءِ اي) خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات جو دير سان ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري، سمٽ بئنڪ جي اڳوڻي سربراهه ۽ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرمين حسين لوائي کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي ويجهي دوست حسين لوائي بابت سنڌسماءَچار کي مليل معلومات مطابق، حسين لوائي حسين لوائي کان سنڌ بئنڪ جي سربراهه واري دور دوران بئنڪ ۾ اهم عهدن تي ڀرتين، مختلف شخصيتن ۽ فرمز کي قرض ڏيڻ وارن معاملن بابت به پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. مليل ڄاڻ مطابق، سنڌ بئنڪ حيدر آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ 23 ڄڻن جي ڀرتين بابت به جاچ ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، سنڌ بئنڪ حيدر آباد جي مختلف برانچز مان آبادگارن جي نالي تي به قرض جاري ٿيڻ جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

حسين لوائي جي گرفتاري بابت سنڌ سماءَچار پاران گڏ ڪيل معلومات مطابق سمٽ بئنڪ جي سنڌ بئنڪ ۾ ضم ڪرڻ واري معاملي جي جاچ دوران اها خبر پئي آهي ته، حسين لوائي کان گذريل 3 هفتن کان مختلف معاملن بابت معلومات ورتي پئي وئي، جنهن دوران سنڌ بئنڪ، سمٽ بئنڪ ۽ سنڌ جي مڪاني ادارن جي مختلف ميگا پروجيڪٽس جي ٺيڪن ۾ وڏي پئماني تي ٿيل ڪرپيشن بابت به معلومات ڪنهن حد تائين مڪمل ٿي وئي آهي ۽ جلد وڏي ڪارروائي ٿيڻي آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل عادل عمر جي گهر تي ڇاپو به ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي. ذريعن جي دعويٰ آهي ته، عادل عمر جي گهر تي ڇاپي دوران هٿ ڪيل 50 ڪروڙ رپين  جي ماليت وارين ملڪيتن جا دستاويز، روڪ رقيمتي گاڏيون ۽ پرائيز بانڊز به هٿ ڪليا ويا آهن، جن بابت به جاچا ڪئي پئي وڃي، ڇو ته انهن دستاويزن مطاقب انهن اثاثن مان اڪثر عادل عمر جي ملڪيت ناهن. حسين لوائي بابت معلوم ٿيو آهي ته هُو ابتدائي طور بئنڪنگ سيڪٽر ۾ کيس سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه جو به آشيرواد رهيو آهي، جنهن وري ڪجهه وقت کانپوءِ حسين لوائي مان هٿ ڪڍي ڇڏيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *