Friday , April 19 2024

آصف زرداري جو ويجهوم ساٿي ۽ اڳوڻو صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري گرفتار

نوابشاهه ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پوليس ۽ رينجرز جي دولتپور باءِ وٽ پيٽرول پمپ تي ڇاپو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ويجهو ۽ بااعتماد ساٿي اسماعيل ڏاهري گرفتار، ڪراچي منتقل، سماعيل ڏاهري سان گڏ گرفتار ڪيل سندس ڀاءُ سميت 40 ڄڻا پڇاڳاڇا بعد آزاد. رينجرز دولتپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ پوليس نفري سان گڏ قومي شاهراهه تي باءِ پاس وٽ پيٽرول پمپ ۽ ريسٽ هائوس تي ڇاپو هنيو. رينجرز پوليس جي موجودگي ۾، آصف زرداري جي انتهائي ويجهي ساٿ ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي تڏهوڪي خاص مددگار اسماعيل ڏاهري کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايڇ او دولتپو موجب رينجرز ۽ پوليس ڇاپي دوران اسماعيل ڏاهري ۽ سندس ڀاءُ رضا ڏاهري کي سندن 40 ويجهن ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو، جن کي ابتدائي پڇاڳاڇا ۽ جاچ پڙتال کانپوءِ آزاد ڪيو ويو آهي.

رينجرز ۽ پوليس ڪارروائي دوران اسماعيل ڏاهري، سندس ڀاءُ رضا ڏاهري ۽ سندن 40 ويجهن ساٿين کي گرفتار ڪيو. گرفتار ڪيلن وٽان 5 ڪلاشنڪوف، 5 دستي بم ۽ وڏي تعداد ۾ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل سمورن ماڻهن کي پهريان دولتپور ٿاڻي تي پهچايو ويو. جتي اسماعيل ڏاهري کانسواءِ باقي سمورن ماڻهن کان ڌار ڌار پڇاڳاڇا ڪئي وئي. اسماعيل ڏاهري جي ڀاءُ رضا ڏاهري جو بيان قلمبند ۽ رڪارڊ(ويڊيو رڪارڊ) ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ رضا ڏاهري سميت سمورن ماڻهن کي ڇڏيو ويو. ايس ايڇ او دولتپور جو چوڻ آهي ته، رينجرز ضروري قانوني ڪارروائي کانپوءِ اسماعيل ڏاهري کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *