Friday , April 19 2024

آصف زرداري،بلاول، فريال ٽالپر، ملڪ رياض، مراد علي شاهه جا ن نالا اِي سِي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي جاچ بابت ڪيسن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي وئي آهي، وفاقي ڪابينا اڳوڻي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شسريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض، اومني گروپ جي ملاڪ انور مجيد سندس پٽ اي جي مجيد ۽ سنڌ حڪومت جي ٺيڪيدارن ۽ ڪنسٽريڪشن ڪمپينين جي مالڪن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته، جي آءِ ٽي ۾ شامل 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا پيا وڃن. هاڻي ڪنهن به ڪرپٽ شخص کي پرڏيهه ڀڄڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن  بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته، سپريم ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ هوش خطا ڪندڙ انڪشاف ٿيا آهن، هن چيو ته، سنڌ صوبي کي يرغمال بڻائي، سنڌ حڪومت کي مني لانڊرنگ ۾ استعمال ڪيو ويو، اجلاس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ تي به غور ڪيو ويو. هن چيو ته، ڪابينا آصف زرداري، فريال ٽالپور، مراد علي شاھ سميت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ جن 172 ڄڻن جا نالا شامل انهن جا نالا اِي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته آصف زرداري چيو هو ته مان جي آءِ ٽي کي سنجيدگي سان نه ٿو وٺان. هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته، اسان کي اميد آهي ته آصف زرداري هاڻي جي آءِ ٽي ۽ ان جي رپورٽ کي سنجيدگي سان وٺندو. هي پراڻو پاڪستان نه آهي جو سوديبازي ٿئي، هي نئون پاڪستان آهي هت قومي خزاني جي هڪ هڪ روپئي جو حساب ٿيندو.

فواد چوڌري چيو ته، ملڪ ۾ احتساب بنا خوف ۽ خطري جي جاري رهندو، جن کي احتساب بابت سنجيدگيءَ جو احساس نه ٿو ٿئي اهو ڪجهه ڏينهن اندر ٿي ويندو. ڪجهه ماڻهن کي ته احساس ٿي ويو آهي، هو ظاهري طور کلي رهيا آهن، پيپلز پارٽيءَ جي احتجاج ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته حيران آهيان ته سنڌ جا پئسا انور مجيد ۽ سان ملي ڦريا ويا، انهن پئسن کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي انهن ماڻهن کي روڊن تي نڪرڻ لاءِ چئي رهيا آهن جن جو پئسو هنن لٽيو آهي. وفاقي وزير چيو ته، چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽي جو آصف زرداري جي پيپلز پارٽي سان ڪو تعلق نه آهي. 1970 ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ته غريبن کي حق ڏيارڻ لاءِ پارٽي ٺاهي هئي، هاڻي آصف زرداري جي پارٽي ۾ ته عجيب ۽ غريب ماڻهو آهن. آصف زرداري جي پارٽي وارا ته هارين کي ٽريڪٽر ۽ ڀاڻ تي مليل سبسڊي جا پئسا به کائي ويا. هنن جو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي پارٽي سان سطحي تعلق آهي.

ڇا 31 ڊسمبر تي آصف زرداري گرفتار ٿيندو جي سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته الله ڪري ائين ئي ٿئي، پر اسان ڇا چئي سگھون ٿا، اسان کي ڪهڙي خبر آهي.

فواد چوڌري سنڌ ۾ گورنر راڄ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ هجي يا پنجاب، بلوچستان هجي يا ڪي پي ڪي جي حڪومت اسان سڀ آئين جا پابند آهيون ۽ ڪابه حڪومت آئين جي خلاف ورزي نه ٿي ڪري سگھي. اميد آهي ته اهڙو موقعو نه ايندو. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي جي صورتحال تي به غور ڪيو ويو. ڪراچي ۾ اچانڪ صورتحال خراب ٿي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *