Thursday , April 25 2024

“آصف، بلاول، فريال ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل ۾ رهڻ ڏيو”:وفاقي ڪابينا پاران نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو

“آصف، بلاول، فريال ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل ۾ رهڻ ڏيو”:وفاقي ڪابينا پاران نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پاران فيصلو ڪيو ويو آهي ته، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي باوجود بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل مان نه ڪڍيا ويندا، پر عدالتي حڪم تي نظرثاني جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ويندي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق وفاقي ڪابينا جي اڄوڪي اجلاس ۾ بلاول ۽ مراد علي شاهه جا نالا نه ڪڍڻ جي منظوري ڏني ويندي، ان سان گڏ ڪابينا ان ڳالهه جي منظوري ڏيندي ته جن جن ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت جي اهڙي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪري نيب جي رپورٽ اچڻ تائين سندن نالا اي سي ايل ۾ ئي رکڻ جي درخواست ڪئي ويندي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *