Tuesday , March 19 2024

آسيه بي بي جي وڪيل سيف الملوڪ جو اهم انڪشاف..!!

دي هيگ(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آسيه بي بي جي وڪيل ۽ ناليواري قانوني ماهر سيف الملوڪ انڪشاف ڪيو آهي ته، هُو پاڪستان ڇڏڻ نه پيو چاهي، پر اقوام متحده ۽ يورپي يونين جي زور ڀرڻ تي ملڪ ڇڏڻو پيو آهي، ڇو ته انهن جو چوڻ هو ته هاڻي مونکي ۽ منهنجي ڪٽنب جي جان خطري ۾ آهي. هالينڊ پهتل آسيه بي بي جي وڪيل سيف الملوڪ دي هيگ ۾ هڪ مختصر پريس ڪانفرنس ڪئي آهي. سيف االملوڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته، ”گڏيل قومن ۽ يورپي يونين منهنجي خواهش جي ابتڙ پاڪستان ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، حالانڪه مان پاڻ پنهنجو ملڪ ڇڏڻ نه پئي چاهيو“. وڪيل سيف الملوڪ وڌيڪ چيو ته، آسيه بي بي جي سپريم ڪورٽ مان بريت واري فيصلي کان پوءِ ملڪ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ آءُ اسلام آباد ۾ مقرر اقوام متحده جي اختيارين سان رابطو ڪيو. رابطي ڪرڻ کانپوءِ يو اين او ۽ يورپي نيشن جي سفارتڪارن ٽن ڏينهن تائين مونکي پاڻ وٽ ترسايو“. سيف لملوڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، ”اُنهن مونکي ٽن ڏينهن تائين پاڻ وٽ ترسائڻ کانپوءِ هنن مونکي منهنجي خواهش جي ابتڙ هڪ جهاز ۾ ويهاريو ويو. مون انهن تي زور ڀريو ته، مونکي پاڪستان مان ٻاهر منتقل نه ڪيو وڃي، جيستائين مان آسيه بي بي کي جيل کان ٻاهر نه آڻيا، مان نه ٿو چاهيان ته آسيه کي جيل اندر ڇڏي مان پاڪستان ڇڏيا، آءُ ايستائين پاڪستان ۾ رهڻ چاهيان ٿو.“ سيف الملوڪ ايڊووڪيٽ جو چوڻ هو ته، ”مونکي چيو ويو ته، آسيه جي سنڀال ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا موجود آهي، هاڻي تون ئي اهم ٽارگيٽ هوندي، انڪري مونکي فوري طور پاڪستان ڇڏڻ گهرجي، مان آسيه کي ڇڏي اچڻ تي ڪن هن به صورت ۾ خوش نه آهيان، مونکي منهنجو پروفيشن به ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏئي“.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *