Tuesday , April 16 2024

آرمي چيف پارا چنار احتجاج ڪندڙوٽ پهتو، سانحي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلائڻ جو اعلان، ايف سي ڪمانڊنٽ بدلي

Para chunnar Army chief

پارا چنار ۾ 21 هين رمضان تي يوم القدس جي ريلي ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ شهيدن ۽ زخمين جي وارثن پاران نواز ليگ جي جمهوري حڪومت کان نوٽيس وٺي چوڌري نثار جي وٽن اچڻ جو مطالبو ڪندڙ متاثرن ۽ علائقي واسين جي 8 ڏينهن دوران ڪنهن به نه ٻڌي.

نيٺ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پارا چنار ڌماڪن ۾ ملوث سهولتڪارن خلاف ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ جو اعلان ڪندي احتجاج ڪندڙ شهرين تي فائرنگ ڪرڻ جي الزام ۾ ايف سي ڪمانڊنٽ کي هٽائي ڇڏيو آهي. آرمي چيف ڪالهه پارا چنار پهچي طوري ۽ بنگش قبيلن جي چڱن مڙسن سان ملاقات ڪئي. آرمي چيف جي پارا چنار اچڻ ۽ مطالبا منظور ڪرڻ بعد 8 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته  آرمي چيف عمائدين کي ٻڌايو ته هو ملڪ کان ٻاهر ويل هو، واپس اچڻ تي موسم جي خرابي سبب پارا چنار نه اچي سگهيو، آرمي چيف چيو ته پارا چنار ۾ فوج جا اضافي دستا مقرر ڪيا ويندا، ايف سي دستن کي پاڪ-افغان سرحد تي مقرر ڪيو ويندو ته جيئن عملي طور تي سرحد کي بند ڪري سگهجي، ان کانسواءِ رضاڪارن کي به چيڪ پوسٽن تي مقرر ڪيو ويندو. آرمي چيف چيو ته اسان قوم طور دھشتگردي خلاف جنگ ۾ غير معمولي قربانيون ڏنيون آھن ۽ ان جنگ ۾ ھر صورت ۾ ڪامياب ٿينداسين، اسان جا دشمن اسان جي عزم کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ويڙھائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندا، ھر پاڪستاني اسان جي طاقت آھي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته اسان لاءِ سڀ  پاڪستاني برابر آھن پوءِ اھو اقليتي ھجي يا اڪثريتي، ملڪ اندر حالتون معمول تي آڻڻ لاءِ فوج جي جدوجھد جاري رھندي، ھن ڪرم ايجنسي ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان ايف سي ڪي پي ڪي جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو ته ھينئر تائين سيڪيورٽي ذميواريون ادا ڪندي 126 ايف سي اھلڪار شھيد ۽ 387 زخمي ٿيا آھن. آرمي چيف پارا چنار جي دوري دوران دھشتگردي سانحي ۽ احتجاج ڪندڙ شھرين تي ايف سي پاران فائرنگ واري واقعي خلاف ڌرڻو ھڻندڙن سان ملاقات ڪري سندن شڪايتون ٻڌيون ۽ ان جي تدارڪ طور فوري اعلان پڻ ڪيا. آرمي چيف احتجاجي شھرين کي انتظامي خدشن جو ازالو ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته اسان ان صورت ۾ اثرانداز ٿينداسين، جڏھن مقامي ماڻهو سيڪيورٽي توڙي نظرداري جي حوالي سان اسان جو حصو ٿيندا.

Para chunnar Army chief 02

ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاراچنار سانحي ۾ پرڏيھي دشمن جي ملوث ھئڻ جا واضح ثبوت آھن پر مقامي سھولتڪارن ۽ مددگارن کي پڪڙيو ويو آھي. جن جا ڪيس فوجي ڪورٽ ۾ ھلايا ويندا. ھن اعلان ڪيو ته پارا چنار جي سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ اضافي فوج جا دستا مقرر ڪيا ويندا، جڏھن ته پاڪ افغان سرحد کي مڪمل طور سيل ڪرڻ لاءِ سرحد تي ايف سي اھلڪارن جو انگ وڌايو پيو وڃي، ھن اسلام آباد ۽ لاھور جيان پارا چنار ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائون نصب ڪري سيف سٽي منصوبو متعارف ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ھن چيو ته سرحد تي خاردار تارون نصب ڪرڻ جو عمل جاري آھي، فاٽا جي حساس جاين تي پھرين فيز ۾ خاردار تارون لڳايون پيون وڃن، جڏھن ته ٻئي مرحلي ۾ بلوچستان ۾ سموري پاڪ-افغان سرحد تي خاردار تارون نصب ڪيون وينديون. سندس چوڻ هو ته احتجاج ڪندڙ شھرين تي ايف سي جي فائرنگ واري واقعي جي جاچ جي روشني ۾ پاراچنار جي ايف سي ڪمانڊنٽ کي ھٽايو ويو آھي، ايف سي جي فائرنگ  ۾ شهيد ٿيل 4 شهرين جي وارثن ۽ زخمين کي الڳ سان معاوضو ڏنو ويندو، ھن آرمي پبلڪ اسڪول پاراچنار کي ميجر جنرل گلفام شھيد جي نالي سان منسوب ڪندي ان کي ڪيڊٽ ڪاليج طور اپ گريڊ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، آرمي چيف پاراچنار ۾ فوج پاران ٽراما سينٽر قائم ڪرڻ، جڏھن ته سول انتظاميا جي ماتحت مقامي اسپتال کي اپ گريڊ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. ھن چيو ته حڪومت پاراچنار جي متاثرن لاءِ ملڪ جي ٻين حصن ۾ متاثر ٿيندڙن برابر معاوضي جو اعلان ڪيو آھي، سمورا پاڪستاني اسان لاءِ برابر آھن. آرمي چيف چيو ته فوج فاٽا کي مک قومي ڌارا ۾ شامل واري عمل جي حمايت ڪري ٿي، پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ان تي جلد کان جلد عملدرآمد ضروري آھي. ھن چيو ته فوج ملڪ اندر حالتون معمول تي آڻڻ لاءِ جدوجھد جاري رکندي، سرحد تي افغانستان ۾ خطرا موجود آھن، جتي داعش طاقت حاصل ڪري رھي آھي، جنھن خطري خلاف اسان کي متحد ۽ خبردار رھڻو پوندو، ڇو ته ان جي ايجنڊا فرقيواريت مان فائدو حاصل ڪرڻ آھي. ھن چيو ته اسان ھڪ قوم آھيون، اسان جا سيڪيورٽي ادارا قومي ٻڌيءَ جي علامت آھن، پاڪ-افغان سرحدي مئنيجمينٽ وقت جي ضرورت آھي. ان موقعي تي قبائلي بزرگن فوج ۽ ان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آھيون ۽ اسان جو رت پنھنجي سرزمين لاءِ آھي، اسان سڀ پاڪستاني ۽ مسلمان آھيون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *