Friday , March 29 2024

آدمشماري ۾ ڪراچي جا لکين سنڌي ڳڻپ کان رهجي وڃڻ جو خدشو….!!!

  census-karachi2

شماريات کاتي پاران ڪراچي ۾ رهندڙ پرڏيهين جي آدمشماري ۾ ڳڻپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، شماريات کاتي جي جوائنٽ سينسز ڪمشنر جو چوڻ آهي ته جنهن به پرڏيهي وٽ پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ هوندو ان کي ڳڻيو ويندو. شماريات کاتي ان معاملي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ته، ڪراچي ۾ ٻهراڙي / ڳوٺن وارن علائقن جا گوگل نقشا نه مليا آهن، انڪري انهن علائقن ۾ آدمشماري شروع ناهي ٿي سگهي ۽ نه ئي وري ڪراچي جي انهن  ٻهراڙي وارن اڪثر علائقن/ ڳوٺن جي گهر شماري به نه ٿي سگهي آهي.

ان سلسلي ۾ آدمشماري ڪرائيندڙ اداري جي جوائنٽ سينسز ڪمشنر شوڪت زمان ۽ سنڌ جي صوبائي سينسز ڪمشنر عبدالعليم ميمڻ پهرين مرحلي جي بلاڪن ۾ مڪمل ٿيل آدمشماريءَ واري عمل تي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي ڊويزن جي 6 ضلعن سميت حيدرآباد، گهوٽڪي ضلعن ۽ سيوهڻ تعلقي جي اڌ بلاڪن 8 هزار 327 بلاڪن ۾ ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿي ويو ۽ هاڻي رهيل بلاڪن ۾ اڄ کان ساڳئي طريقي سان اُهو عمل شروع ڪيو ويندو.

 پريس ڪانفرنس ڪندي هنن اهو انڪشاف ڪيو ته ڪراچي جي ٻهراڙي وارن علائقن جا گوگل سيٽلائيٽ وارا نقشا سندن وٽ موجود نه آهن اُن ڪري سيٽلائيٽ ذريعي انهن علائقن ۾ ٿيل آدمشماري بابت تفصيل سامهون نٿا اچن، باقي عملي طور تي عملو اُتي به ڪم ڪري رهيو آهي. غيرقانوني پرڏيهين مان جن وٽ به سڃاڻپ ڪارڊ هوندا انهن کي به آدمشماريءَ جي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو ويندو، جيڪڏهن ماڻهن وٽ غيرقانوني ڪارڊ آهن ته ان جي ذميوار نادرا آهي ۽ اسان نه آهيون.

هنن وڌيڪ چيو ته پهرين مرحلي جي پهرين بلاڪن ۾ ٿيل آدمشماري جي عمل دوران 567 شڪايتون وصول ٿيون آهن جن مان اڌ شڪايتون اهي آهن ته عملو اڃا ڳڻپ لاءِ نه آيو آهي پر واضح ڪريون ٿا ته هڪڙا گهر پهرين مرحلي جي بلاڪن ۾ شامل آهن ۽ ٻيا گهر ٻئي مرحلي جي بلاڪن ۾ شامل آهن، اُن ڪري ماڻهن کي ڪجهه مونجهارا ٿين ٿا پر سنڌ جي هر گهر ۽ هر نئين ڄميل ٻار کي به آدمشماريءَ جي ڳڻپ ۾ آندو ويندو ۽ ٻئي مرحلي جا بلاڪ پورا ٿيڻ کانپوءِ جيڪي گهر رهجي ويندا انهن جي ڳڻپ لاءِ الڳ اسٽاف مقرر ڪيو ويندو. عليم ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ موجود افغان مهاجرن جي ڪئمپن جي ڳڻپ نه ڪئي ويندي ۽ باقي ماڻهن کي ڳڻيو ويندو.

census logocensus image1

جڏهن ته 6 مهينا اڳ گم ٿيل ماڻهن کي به ڳڻيو ويندو، باقي اُن کان وڌيڪ وقت وارن گم ماڻهن کي نه ڳڻيو ويندو. هن چيو ته آدمشماري جي عمل دوران فوٽو ڪاپي فارم استعمال ٿيل، پينسل سان فارم ڀرڻ جون ڪجهه شڪايتون آيون جيڪي ختم ڪيون ويون ۽ پينسل سان فارم ڀريندڙ عورت اينيوميريٽر کي هٽايو ويو آهي، هوڏانهن شماريات بيورو جي سربراهه آصف باجوا چيو ته اسان گم ٿيل جي نقشن کي ڇا ڪنداسين؟ ڪراچي سوڌو ملڪ ۾ گوگل نقشا فراهم نه ڪيا آهن، نقشا اسان پاڻ تيار ڪيا آهن، جيڪي عملي کي فراهم ڪيا آهن ۽ اهي شماريات بيورو جي هيڊ ڪوارٽر ۾ به لڳايا آهن، جن کي ڏسي سگهجي ٿو، هن چيو ته ٻهراڙين جا نقشا صوبن جي روينيو کاتن فراهم ڪيا آهن

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *