Saturday , April 20 2024

آدمشماري: گڏاپ ٽائون ۾ جمالي پل ڳوٺ جا 5000 کان وڌيڪ ڌرتي ڌڻين جا گهر ڳڻجي نه سگهيا

jalal sha visit 1

سپر هاءِ وي لڳ رهائش پذير ٻوڏ متاثر ڌرتي ڌڻين کي اف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ گهرن جي ڳڻپ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، علائقي واسين، شماريات کاتي ۽ انتظاميا آدم شماري ۾ شامل نه ڪرڻ جي سازش رهائشين جو احتجاجي مظاهرو گھر شماري ۽ آدم شماري ۾ شامل ڪرڻ جي گھُر ڪئي آهي.

سپر هاءِ وي لڳ جمالي پل ڀرسان 2010 جي مها ٻوڏ ۾ لڏي آيل 5000 کان مٿي سنڌ آباد ڳوٺ جي رهواسين وٽ ٻي ڏينهن به آدم شماري ٽيمون نه پهتيون هزارين ڌرتي ڌڻي گھر شماري آدم شماري ۾ رهجي وڃڻ جو خدشو متاثرين جو نٽهڻ اس ۾ جمالي پل ڀرسان احتجاجي مُظاهرو مُظاهري جي اڳواڻي فرخ شاه سرهندي، بلاول، حاجران، مائي شبنم، فقير شريف، احمد ٻين ڪئي جنهن سوين مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي.

GADAP2GADAP1

 مظاهرين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسين خوشحال سنڌ جا وارث آهيون پر 2010 جي مها ٻوڏ اسان ۾ اسان جو سڀ ڪجھ تباه ٿي ويو ۽ حڪومت اسان کي ڪراچي آندو 7 سالن کان هتي رهائش پذير آهيون هتان جي رهواسين وٽ ڪنهن به قسم جي بنيادي سهولت جنهن اسڪول، اسپتال، پيئڻ جو صاف پاڻي جهڙي ڪابه سهولت موجود نه آهي تنهن جي باوجود به هتان جو عوام ڏک سک ۾ گذارو ڪري رهيو آهي.

ڪيترائي ڀيرا اسان کي لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي بلا آخر اسان ڳوٺ آباد اسڪيم ۾ پنهنجو هي ڳوٺ رجسٽر ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين هن وقت جڏهن پوري ملڪ ۾ گھر شماري آدم شماري جو مرحلو جاري آهي ته ٻه ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود اسان وٽ ڪابه ٽيم نه آهي جڏهن اسان ٽيمن سان رابطو ڪيوسين ته انهن چيو ته اوهان واپس پنهنجي ڳوٺن ۾ وڃي پنهنجي ڳڻپ ڪرايو جڏهن ته اسان جو پوئتي ڪجھ به ڪونه آهي اسان واپس ڪيئن وڃي سگھون ٿا آدم شماري مطعلق شڪايت سيل تي موجود زاهد حسين سان جڏهن اسان رابطو ڪيوسين ته انهن چيو ته اسان وٽ اوهان جي ڳوٺ جا ڪي به تفصيل مليل نه آهي جنهن ڪري اسان اوهان جي ڳوٺ کي آدم شماري ۾ شامل نه ٿا ڪري سگھون اوهان پنهنجي علائقي جي ڊپٽي ڪمشنر سان رابطو ڪيو اسين جڏهن ڪمشنر آغا سراج سان رابطو ڪيوسين ته ان چيو ته مون وٽ صرف ٽيمن کي چانهن ماني کارائڻ کان علاوه ڪوبه اختيار ڪونه آهن مان ڪوشش ڪيان ٿو پر اوهان جو مسئلو حل نه ٿو ڪرائي سگھان

متاثرين وڌيڪ دانهيندي چيو ته اسين به هن ملڪ جا رهواسي آهيون ۽ ملڪ جي هن آدم شماري ۾ پاڻ ڳڻائڻ اسان جو بنيادي حق آهي اها اسان جي بدنصيبي چئبي جو 2010 جي ٻوڏ اچڻ ڪري اسان کي هتي لڏي اچڻو پيو پر هي ڪراچي به سنڌ آهي ۽ اسين هن ڌرتي جا وارث آهيون هتي افغانين، بنگالين برمين کي آدم شماري ۾ شامل ڪيو پيو وڃي پر اسان سنڌي ماڻهن کي جي ڳڻپ نه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

شهيد پروفيسر اجمل ساوند جو قتل، بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سميت ڪنهن به پ پ اڳواڻ مذمت نه ڪئي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ڪشمور ۾ قبيلائي تڪرار تان شهيد ڪيل پروفيسر اجمل ساوند …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *