Thursday , March 28 2024

آدمشماري جو پهريون مرحلو مڪمل، ٻيو مرحلو ڇنڇر کان شروع ٿيندو

ABC

آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ گهرن جي ڳڻپ وارو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، سڀاڻي کان ڪٽنب جي ڳڻپ شروع ڪئي ويندي، ڪراچي جي سنڌي اڪثريتي آبادين وارن علائقن ۾ هزارين گهر ڳڻپ کان رهجي ويا آهن، سينسز ڪمشنر آصف باجوا چيو آهي ته جيڪي گهر ڳڻپ کان رهجي ويا آهن انهن کي پهرين اپريل کانپوءِ  ڳڻپ ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ پينسل سان فارم ڀريندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي ويندي.

ملڪ ۾ ڇهين آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ 3 ڏينهن دوران گهرن جي ڳڻپ وارو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي آبادي وارن علائقن ۾ هزارين گهر ڳڻپ کان رهجي ويا آهن، جڏهن ته پينسل سان فارم ڀرڻ واريون شڪايتون ختم نه ٿي سگهيون آهن.

سينسز ڪمشنر آصف باجوه آدمشماري جي پهرين مرحلي بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته، جيڪي گهر ڳڻپ کان رهجي ويا آهن انهن  جي ڳڻپ ڪٽنبن جي ڳڻپ واري مرحلي دوران به ڪئي ويندي، ان باوجود به رهجي ويل گهرن جي ڳڻپ پهرين اپريل کانپوءِ شروع ٿيندڙ ٻئي مرحلي ۾ ڳڻيو ويندو، اسان جي هر ممڪن ڪوشش هوندي ته  ڪو به گهر ۽ ڪٽنب ڳڻپ کان رهجي نه وڃي.

AAA GADAP1

هن وضاحت ڪندي چيو ته جيڪي گهر ڳڻپ کان رهجي ويا آهن انهن جي ڳڻپ ڪٽنبن جي ڳڻپ واري مرحلي دوران به ڪئي ويندي، اسان اهو طئه ڪيو آهي ته ڪو به گهر ۽ خاندان ڳڻپ کان رهجڻ نه ڏبو.

آصف باجوه چيو ته، پهرين مرحلي دوران ڪراچي مان پينسل سان فارمن ڀرڻ جون شڪايتون مليون آهن، جنهن جو نوٽيس ورتو ويو آهي.

هن چيو ته آدمشماري جي ڪنهن به مرحلي ۾ ڪو به فارم يا فارم جو ڪوبه  خانو پينسل سان ڀرڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه آهي، جيڪو به عملو پينسل سان فارم ڀريندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

AA

آصف باجوه چيو ته وڏين عمارتن ۾ هر اپارٽمينٽ آڏو شمار نمبر لڳايو ويو آهي، گرائونڊ پلس ٽــُو عمارت کي گهڻ ماڙ عمارت نه پر هڪ گهر طور ڳڻيو پيو وڃي، سڀاڻي کان گهڻ ماڙ عمارتن ۾ موجود سمورا گهراڻا ڌار ڌار ڳڻيا ويندا.

سينسز ڪمشنر آصف باجوه بريفنگ ڏيندي وڌيڪ چيو ته، آدمشماري دروان ملڪ ۾ موجود پرڏيهين کي به ڳڻيو ويندو پر انهن جا نتيجا پرڏيهين طور ئي جاري ڪيا ويندا.

GADAP2

آصف باجوه جو چوڻ هو ته شيڊيول مطابق آدمشماري جا سمورا مرحلا مڪمل ٿيڻ جي 60 ڏينهن کانپوءِ ڇهين آدمشماري جا نتيجا جاري ڪيا ويندا، آدمشماري کي عالمي ۽ ملڪي معيار مطابق بڻايو پيو وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ آصف باجوه چيو آدمشماري جا 4 ملين فارم پهريان کان موجود هئا ۽ 11 ملين بعد ۾ پاڪستان سيڪيورٽي پريس کان ڇپرائي استعمال ڪيا پيا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *