Friday , March 29 2024

آدمشماري جو پهريون مرحلو ۽ ڪجهه غلط فهميون_واحد جسڪاڻي

واحدجسڪاڻيwahid jiskani

سنڌ ۾ قومي تضاد سبب آدمشماري سنڌي قوم جي جياپي جو سوال بڻيل آهي، جنهنڪري ئي جڏهن کان آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ٿيو آهي ته سنڌ سرڪار توڙي سنڌ جي گهڻگهرن پاران مختلف خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي، پر انهن ۾ ڪيترائي خدشا اجايا آهن، خاص طور تي سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط جي حوالي سان ڪيترائي مونجهارا ظاهر ڪيا پيا وڃن، پر گهر شماري ۽ آدشماري وارا فارم سامهون اچڻ کانپوءِ اهو مونجهارا باقي نٿا رهن، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته معاملو اتي ختم ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو ٻولي آهي، جنهنڪري اهو لازمي بڻائڻو آهي ته مادري ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکرايون، نه رڳو اهو پر ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ان ڳالهه  ڪرڙي اک رکي وڃي ته ٻولي جي خاني سان هٿ چراند نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته فارم اسان پاڻ نه پر آدمشماري ڪندڙ عملو ڀريندو.

انگريزي لفظ Census جو مطلب رڳو ماڻهن ۽ گهرن جي ڳڻپ نه آهي، پر هر هڪ شئي جي ڳڻپ ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ گهر، ڪمرا، رڌڻي جي سهولت، باٿ روم يا غسل خانو، ليٽرين يا پاخانو، پاڻي جي سهولت، بجلي، گيس، ٽيليفون، موبائل، ڪمپيوٽر، ٽي وي، انٽرنيٽ، ريڊيو کان ويندي تعليم، پيشو، عمر مطلب سڄي معلومات ورتي وڃي ٿي ۽ ملڪ ۾ رهندڙ هر ماڻهو جي ڳڻپ ٿيندي، ڀلي کڻي اهو پرڏيهي يا غير قانوني پرڏيهي ڇونه هجي، ڀلي کڻي ان وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه به هجي پوءِ به ان جي ڳڻپ ڪئي ويندي، هيٺ گهر شماري ۽ آدمشماري جي فارم ۾ پڇيل سوالن تي روشني وجهون ٿا.

عمارت ۽ گهر

گهر شماري جي فارم ۾ ڪل 8 ڪالم آهن، جن ۾ پهريون ڪالم آهي ڳوٺ يا علائقي جو نالو، جنهن ۾ محلي، پاڙي يا ڳوٺ جو نالو لکيو ويندو، ٻيو ڪالم آهي، عمارت جو سيريل نمبر جيڪو ٽن انگن ۾ لکڻ لازمي آهي يعني پهرئين نمبر واري گهر کي ٻڙي ٻڙي هڪ لکيو ويندو. گهر شماري جي فارم ۾ ٽيون ۽ چوٿون ڪالم اهم آهن، جن ۾ عام غلطي ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ آهي، جيڪي گهر يا گهراڻي کي ظاهر ڪن ٿا،  ٽيون ڪالم  عمارت جي هر يونٽ يعني حصي جي تفصيل پڇي ٿو، جيڪو ڌار ڌار استعمال ٿئي ٿو، اهو گهر به ٿي سگهي ٿو، اسڪول به ته دڪان ۽ مسجد، مندر، چرچ، دارالامان، فيڪٽري يا ٽيوب ويل به ٿي سگهي ٿو.

گهراڻو

گهر شماري جي فارم جو چوٿون ڪالم گهراڻي بابت پڇي ٿو هتي گهراڻي مان اسان عام مراد گهر وٺون ٿا پر هتي گهراڻو فيملي يا خاندان کي ظاهر ڪري ٿو، هتي خاندان جو مطلب ابا، ڏاڍا، ڀائر يا برادري نه پر رڳو شادي شده جوڙو ۽ ان جا ٻار ئي خاندان سمجهيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ٻار جوان آهن ۽ اهي به شادي شده آهن ته انهن جو خاندان نمبر ڌار لکيو ويندو، انڪري هڪ گهر م اڪيلو ڪٽنب به رهي سگهي ٿو ته گڏيل رهائش جي صورت ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪٽنب به رهائش پذير ٿي سگهن ٿا، يعني جيترا به شادي شده جوڙا آهن ، انهن کي ڌار ڌار ڳڻيو ويندو ۽ انهن جا ٻار انهن ئي گهراڻن ۾ ڳڻيا ويندا،  هتي اهو به واضح ڪرڻ ضروري آهي ته اجتماعي رهائش جي صورت ۾ جيڪڏهن هڪ گهر ۾ 3 ڪٽنب رهن ٿا ۽ رڌڻو هڪ استعمال ڪن ٿا ته هر ڪٽنب رڌڻي کي ڌار نه لکرائي ۽ جيڪڏهن ٽي ڪٽنب هڪ عام غسل خانو يا ليٽرين استعمال ڪن ٿا ته اهو به سڀني لاءِ ڌار ڌار نه لکرائين پر ان کي گڏيل رڌڻو يا باٿ روم لکرائين، ڇاڪاڻ ته اسان جي غلطي سان هڪ ئي رڌڻو ٽي ڀيرا ۽ هڪ ئي باٿ روم ٽي ڀيرا ڳڻجندو ته ان سان سنڌ ۾ رهندڙ ڪٽنبن جي معيار زندگي بابت اصل خبر نه پئجي سگهندي ۽ ظاهر اهو ٿيندو ته سنڌ ۾ رهندڙ هر ڪٽنب وٽ وڏيون سهولتون آهن، پر حقيقت ۾ ڀلي ايئن نه به هجي، اهم ۽ اصل ضرورت ان ڳالهه جي ڪوبه سنڌي ماڻهو ڳڻپ کان نه رهجي هر ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي ڳڻپ ڪرائي پر معيار زندگي جيڪو به آهي، اهو درست لکرايو وڃي ته جيئن سنڌ بابت اصل حقيقتون سامهون اچن.

سربراهه

گهر شماري جي فارم جو پنجون خانو گهر يا اداري جي سربراهه جي معلومات پڇي ٿو، هي تمام اهم ڪالم آهي، جنهن ۾ سربراهه جو نالو ۽ سڃاڻپ ڪارڊ لکڻو آهي، سربراهه ڪا عورت به ٿي سگهي ٿي، ڀلي کڻي ان جي ڪرت گهريلو ڪم ئي ڇو نه هجي، هن خاني ۾ ڪٽنب جو سربراهه سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ جي صورت ۾ به پنهنجي ڳڻپ ڪرائي سگهي ٿو ۽ ان کي يقيني بڻائڻ گهرجي، سربراهه زال، ماءُ يا ڀاءُ ايتري تائين جو پٽ يا ڌيءَ جو سڃاڻپ ڪارڊ جو نمبر لکرائي پنهجي ڳڻپ ضرور ڪرايو.

گهر ڀاتين جو انگ

گهر شماري جي ڇهين ڪالم ۾ گهر ڀاتين جو انگ پڇيو ويو آهي، جنهن ۾ تازو ڄاول ٻار به لکرائڻو آهي، هي خانوخاندان جي ڪل ڀاتين جو انگ پڇي ٿو، جيڪو هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ خاندانن جي گهر ڀاتين جو انگ آهي، انڪري هر شادي شده خاندان جي گهر ڀاتين جو انگ ڌار ڌار ڳڻيو ويندو، هن ڪالم ۾ تعليم، روزگار يا ڪنهن ٻئي سبب 6 مهيني کان وڌيڪ وقت گهر کان ٻاهر يا پرڏيهه رهندڙ ڀاتين کي شامل نه ڪيو ويندو، انهن جي ڳڻپ اتي ئي ڪئي ويندي.

معاشي سرگرمي

گهر شماري جي فام جو ستون نمبر خانو آهي معاشي سرگرمي بابت جنهن ۾ سربراهه جي روزگار جو ذريعو بيان ڪرڻو پوندو، ان ۾ نوڪري، پنهنجو ڪاروبار، سلائي ڪڙهائي جيڪو به ڪم هجي اهو ڄاڻايو ويندو.

گهر شماري جي فارم جو اٺون نمبر خانو آدمشماري دوران ڀريو ويندو، جنهن ۾ خالي پلاٽ يا تعمير هيٺ گهر آباد ٿي ويو هجي يا وري آباد گهر خالي ٿي ويو هجي ته ان کي ظاهر ڪيو ويندو، جيڪڏهن گهر ۾ نئون ڪرائيدار اچي ويو هجي ته پوءِ ان جو نالو لکيو ويندو.

هڪ ٻي ڳالهه به واضح ٿيڻ گهرجي ته آدمشاري دوران عملو جيڪا به معلومات وٺندو، اهو ڪنهن به ٽئين فرد کي فراهم نه ڪيو ويندو، اهو سمجهڻ گهرجي ته هي ملڪيت جي سروي نه آهي، يعني ڪي ماڻهو ان غلط فهمي جو به شڪار ٿين ٿا ته ڪٿي سندن ملڪيتن تي ٽيڪس نه لڳايو وڃي پر هي معلومات رڳو طرز زندگي، معيار ۽ ماڻهن جو انگ ۽ مادري ٻولي جي ڄاڻ جي حوالي سان ورتي وڃي ٿي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال نه ٿيندي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *