Thursday , April 25 2024

آبپاشي کاتي جي هڪ کان 15 تائين جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي( رپورٽر     سنڌ سماءَ چار) سنڌ جي ايريگيشن کاتي، گريڊ هڪ کان 15 تائين جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ايريگيشن کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي ڪاپي ڪي ٽي اين نيوز حاصل ڪري ورتي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايريگيشن کاتي ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين جي 29 هزار ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ لاءِ چيف انجنيئرز کي هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن. ايريگيشن کاتي جي ملازمن کي احتجاج کانپوءِ ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *