Thursday , April 18 2024

آبادگار فصل ساڙي رهيا آهن، حڪومت آبادگارن جو معاشي قتل پئي ڪري: بلاول ڀٽو زرداري

ڳڙهي خدابخش/لاڙڪاڻو( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد بينظير جا قاتل اڄ به معصوم ماڻهن جو رت وهائي رهيا آهن، بينظير کي جمهوريت جي بحالي ۽ سوات ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائڻ جي سزا ڏني وئي، پي سي او ججز ۽ آمرن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏنل آئين کي بگاڙيو، آبادگار پنهنجا فصل ساڙي رهيا آهن، وفاقي سرڪار آبادگارن ۽ هارين جي قاتل آهي. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد بينظير جي 10هين ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي جمهوريت جي بحالي ۽ سوات ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي سزا ڏني وئي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل اڃا تائين معصوم شهرين جو رت وهائي رهيا آهن، جن سان اڄ به پ پ مهاڏو اٽڪائي بيٺي آهي.

هن چيو ته شهيد ڀٽو جي ڏنل آئين کي پي سي او ججز ۽ آمرن بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پ پ حڪومت اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي حق ڏياريا ۽ ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪئي. پ پ چيئرمين چيو ته بينظير دهشتگردن کي للڪاريو، جنهن ڪري کيس سازش تحت شهيد ڪيو ويو پر هوءَ اڄ به عوام جي دلين ۾ زنده آهي، سندس جدوجهد کي هر صورت ۾ جاري رکيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته 10سال اڳ اڄوڪي ڏينهن هڪ عوامي اڳواڻ کي شهيد ڪيو ويو، شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت ۽ زندگي جي علامت هئي، جنهن کي عوام کان جدا ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ ۾ آبادگار ۽ هاري پنهنجا فصل ساڙي رهيا آهن، پر وفاقي سرڪار جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، وفاقي حڪومت آبادگارن ۽ هارين جي قاتل آهي. هن چيو ته جن ماڻهن شهيد بينظير ڀٽو کي عدالتن جا چڪرا ڪاٽرايا، اڄ اهي پاڻ عدالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي غيرموجودگي سبب اڄ ملڪ جون اولهه ۽ اوڀر واريون سرحدون غير محفوظ بڻيل آهن ۽ بيت المقدس اڄ به شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير کي ياد پيو ڪري. پ پ چيئرمين چيو ته پ پ فرقيواريت ۾ ملوث ڪنهن به تنظيم سان اتحاد نه ڪندي، عوام جا حق کسيندڙ ڪيتري به وڏي قوت ڇو نه هجي، ان جي خلاف وڃي سگهون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته طاهرالقادري دهشتگردن جي مذمت ڪندو رهندو آهي، ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن جي هر قسم جي مدد ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *