Thursday , March 28 2024

آءِ جي سنڌ وري به او پي ايس آفيسر،22 گريڊ جو آءِ نه ملڻ تي سنڌ حڪومت به خاموش

ڪراچي (رپورٽ:اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌ جي ڀاڱي ۾ وري به 21 هين گريڊ جو پوليس آفيسر ڪليم امام آءِ جي طور ڏنو ويو آهي، وفاقي حڪومت جي فيصلي تي سنڌ سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهي، سپريم مورٽ به پنهنجي ئي حڪمن جي خلاف ورزي تي ڪو به نوٽيس ناهي ورتو. وفاقي سرڪار جي ڪئبينيٽ ڊويزن پاران ستين سيپٽمبر تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق، 21 هين گريڊ جي پوليس آفيسر ڊاڪٽر ڪليم امام کي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سن / آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ڪليم امام 21 هين گريڊ جوآفيسر آهي، ان باوجود وفاقي سرڪار کيس سنڌ جو آءِ جي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪليم امام کي آءِ جي سنڌ طور مقرري واري نوٽيفڪيش ۾ به واضع طور لکيل آھي ته، ايڪيهين گريڊ جي ڪليم امام کي او پي ايس (اون پي اسڪيل) تي انسپيڪٽر جنرل طور مقرر ڪيو وڃي ٿو، جيڪو حڪم فوري طور 7 سيپٽمبر کان لاڳو سمجهيو ويندو.

ان سلسلي ۾ قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته آءِ جي 22 گريڊ جو هجڻ لازمي آهي ۽ آءِ جي سميت ڪنهن به گريڊ جي ملازم يا آفيسر کي او پي ايس تي مقرري خلاف سپريم ڪورٽ جو به هڪ حڪم نامو موجود آحي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ او پي ايس تي مقرري کان سختي سان منع ڪئي وئي آهي ۽ اهڙي ڪنهن به حڪم کي غير قانوني تصور ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ سنڌ پوليس جي هڪ سينئر آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، سنڌ جو آءِ جي اڪثر اصل گريڊ بدران هيٺئين گريڊ يعني 21 گريڊ جو پوليس آفيسر مقرر ٿيندو رهيو آهي جيڪا هڪ روايت رهي آهي ۽ ان ۾ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي گڏيل صلاح هوندي آهي. هن ٻڌايو ته 21 هين گريڊ جي آفيسر کي آءِ جي مقرر ڪرڻ سنڌ سئون سپريم ڪورٽ جي حڪم خلاف ۽ توهين عدالت آهي. اي ڊي خواجا به ته 21 هين گريڊ جو هو؛ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته، اهو معاملو وري ڪجهه ٻي نوعيت جو هو، جيڪو ڪراچي آپريشن سميت مختلف معاملن سان ڳنڍيل هو، پر هيو ته اهو به غلط عمل.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *