Thursday , March 28 2024

آءِ جي سنڌ معطل ايس ايس پي رائو انوار کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي( رپورٽر     سنڌ سماءَ چار) آءِ جي سنڌ نقيب قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار کي گرفتار ڪرڻ  جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،ان حوالي سان سڀ اپاءَ وٺڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته رائو انوار اسلام آباد مان پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ بعد واپس ڪراچي نه آيو آهي، اجلاس ۾ رائو انوار  جي لوڪيشن معلوم ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو.  سينٽرل پوليس آفيس ڪراچيءَ ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي صدارت هيٺ نقيب قتل ڪيس بابت اجلاس ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آفتاب پٺاڻ، ڊي آءِ جي اوڀر سلطان علي خواجه، ايس ايس پي ملير عديل چانڊيو ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ آءِ جي پاران رائو انوار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سڀ اپاءَ وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.

اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته رائو انوار اسلام آباد مان پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ بعد واپس ڪراچي نه آيو آهي. اجلاس ۾ رائو انوار  جي لوڪيشن معلوم ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *