Thursday , March 28 2024

آءِ جي سنڌ بدلي ڪيس:پوليس آرڊر2002 کي ٻيهر سنڌ ۾ لاڳو ڪرڻ جا خواهشمند ناڪام ٿيا آهن:ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ

Zameer GhumroCM And IG

ڪراچي(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ بئريسٽر ضم،ير گهمرو چيو آهي ته، آءِ جي سنڌ جي بدلي واري معاملي کي عدالت ۾ کڻي وڃڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ٻيهر پوليس آرڊر 2002 لاڳو ڪرائڻ جي خواهشمند ڌرين کي ناڪامي نصيب ٿي آهي.

سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ضمير گهمرو چيو آهي ته عدالت پنهنجي فيصلي ۾ پوليس کي صوبائي سبجيڪٽ قرار ڏيندي ان بابت صوبائي اسيمبلي جي قانون سازي کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو آهي جنهن سان آمر مشرف پاران غير آئين طور لاڳو ڪيل پوليس آرڊر 2002ع کي  ٻيهر سنڌ ۾ لاڳو ڪرڻ جي خواهشمندن کي ناڪامي ٿي آهي جڏهن ته سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي هٽائي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ وارن نوٽيفيڪشنز کي ختم ڪرڻ  واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو. ڪالهه هن ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته پائلر جي ڪرامت علي پاران بنيادي طور مشرف واري قانون پوليس آرڊر 2002ع کي ختم ڪري سنڌ ۾ پوليس ايڪٽ 2011ع کي لاڳ ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙو فيصلو عدالت پاران پارليامينٽرين جي حق کي تسليم ڪرڻ آهي جيڪو جمهوريت کي مان ڏيڻ جي برابر آهي. هن چيو ته پوليس صوبائي سبجيڪٽ هو جنهن تي مشرف ايمرجنسي دوران غير آئيني طور قانون سازي ڪئي  ۽ صوبائي اسيمبلي پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪندي ان کي رد ڪري نئون قانون لاڳو ڪيو. هن چيو ته عدالت پنهنجي حڪم ۾ اي ڊي خواجه کي هٽائڻ وارن نوٽيفيڪشن کي ته ڪالعدم قرار ڏنو آهي پر ان ۾ به سنڌ سرڪار  جي آءِ جي کي هٽائڻ وارن اختيارن کي تسليم ڪيو آهي پر عدالت جو چوڻ آهي ته اي ڊي خواجه کي هٽائڻ لاءِ ڪي قانوني سبب نه ڄاڻايا ويا آهن جنهن سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ سرڪار قانوني سبب ڄاڻائڻ بعد آءِ جي سنڌ کي عهدي تان هٽائي سگهي ٿي. مجموعي طور عدالت جي فيصلي سان سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي قانون سازي اداري جي اختيارن کي تسليم ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *