Friday , March 29 2024

آءِ ايم ايف قرض وٺڻ واري فيصلي پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ جا ترا ڪڍي ڇڏيا،ڊالر 11 رپيا مهانگو

ڪراچي / اسلام آباد( رپورٽر/سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پارتان آءِ ايم ايف کان آئوٽ بيل پيڪيج وٺڻ واري فيصلي کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڪاروبار ڪندڙ سيڙپاڪارن جا تاڪ لڳڪي ويا آهن، ٻن ڏينهن دروان ڊالر جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 11 رپيا 70 پئسا رپيا وڌڻ ڪري پاڪستاني روپئي جي ملهه ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾  ڊالر ٻن ڏينهن دوران 124 رپيا 30 پئسن مان وڌي 136 رپين تائين پهچي ويو آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ گذريل هفتي جي آخري ڪاروباري ڏينهن يعني جمعي واري ڏينهن ڊالر 124 رپيا 30 پئسن جو هيو جيڪو اڱاري تي 136 رپين جو ٿي ويو آهي.

ڪاروبار دوران پهرين سيشن ۾ هنڊريڊ انڊيڪس وڌ کان وڌ 39 هزار جي سطح تي ويو، جنهن کانپوءِ انڊيڪس ۾ 1300 پوائنٽن جي لاٿ ٿي ۽ اهو 37 هزار جي سطح تي اچي ويو آهي، جنهن سبب مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 500 ارب گهٽ ٿي وئي. ڪاروبار جي پڄاڻي تي هنڊرڊ انڊيڪس 1382 پوائنٽن جي لاٿ سان 37 هزار 898 انڊيڪس تي بند ٿيو. مارڪيٽ جي صورتحال تي معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي تجزيي تي مارڪيٽ ۾ ڳڻتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *