اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي اڳوڻي سربراهه سان گڏ تڪراري ڪتاب لکندڙ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾شامل ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزارت پاران اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزارت تصديق ڪندي ڄاڻايو آهي ته اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي . گهرو وزارت جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسد دراني جو نالو ايم آءِ جي تجويزتي اي سي ايل۾شامل ڪيو آهي. واضح رهي اسد دراني کي ڪتاب جي وضاحت ڪرڻ لاءِ جي ايڇ ڪيو به طلب ڪيو ويو هو.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ شامل