Friday , April 19 2024

ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ سردار چانڊيو حملا ڪرائي رهيو آهي: اُم رُباب چانڊيو

سکر(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ميهڙ ۾ قتل ڪيل ڪرم الله چانڊيو جي پوٽي ۽ قتل ڪيس جي پوئواري ڪندڙ سندس پوٽي اُم رُباب چانڊيو چيو آهي ته، ڪيس جو مک جوابدار سردار چانڊيو ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ اُگرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو ۽ هاڻي وري حملا ڪرائي رهيو آحي، همدردن ۽ علائقي واسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اُم رُباب چانڊيو چيو ته، ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن پاران ڳوٺ تي حملو ڪري سندس همدردن، هارين ۽ اخلاقي مدد ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن. هن چيو ته سندس ڳوٺ تي حملو ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري هڪ هاري زخمي ٿي پيو آهي. ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته، ميهڙ ويجهو ڳوٺ ڪيپچي تي هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري هاري کي مرڻينگ ڪيو ويو آهي. ام رباب جو چوڻ آهي ته، سردار خان چانڊيو ۽ ٻيا منهنجي ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي قتل ۾ملوث آهن ۽ جيڪو ڪيس سکر جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ هلندڙ آهي پر چانڊيا سردار ڪيس کي منهن ڏيڻ بدران ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ منهنجي ڳوٺ ڪيپچي تي حملو ڪري فائرنگ ڪرائي آهي جنهن سبب منهنجو هڪ هاري پڻ گوليون لڳڻ سبب زخمي  ٿيو آهي جيڪو افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي جوابدار ڪيس مان فرار ٿيڻ جو رستو اختيار ڪري اسان کي قتل ڪرڻ گهرن ٿا ۽ ڳوٺ مٿان حملو ڪرائي خونيريزي ڪرائي منهنجي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس مان جان ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيف جسٽس سنڌهاءِڪورٽ ڪراچي، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ تي حملو ڪرائي حراسان ڪرڻ جونوٽيس وٺي کين گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *