Friday , March 29 2024

ڪراچي: آءِ جي سنڌ شهر ۾ روزانو ٽريفڪ جام ٿيڻ جو نوٽيس ورتو،

ڪراچي:

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ڪراچي ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ ٽريفڪ کي مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي هدايت ڪئي ته ڪراچي جي اهم شاهراهن ۽ روڊن تي ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پيز کي روڊن تي ڊيوٽي جو پابند بڻايو وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي ٿاڻن کان به مدد ورتي وڃي.
ڪراچي ۾ مختلف روڊن کي ويڪرو ڪرڻ ۽ روڊن جي تعمير سبب روزانو ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻيل آهي.
اهڙين شڪايتن بعد آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي واسطيدار عملدارن کي تريفڪ جي رواني برقرار رکڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *