Thursday , April 18 2024

ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي شهيد رپورٽر عزيز ميمڻ کي منصوبابندي تحت ڪرڻ جو انڪشاف

عزيز ميمڻ کي قتل ڪرڻ کان 2 ڏينهن اڳ جوابدارن قتل جي ريهرسل به ڪئي

مک جوابدار وڏو شاطر دماغ هو پر شهيد جو ناحق خون لڪي نه سگهيو

نوابشاهه/نوشهروفيروز( خاص نمائندو  سنڌ سماءَچار) ٽي مهينا اڳ محرابپور ۾ ڪجهه مهينا اڳ شهيد ڪيل ڪي ٽي اين نيوز ۽ روزاني ڪاوش جي رپورٽر ۽ سينئر صحافي عزيز ميمڻ کي مڪمل منصوبابندي سان قتل ڪري آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي سازش سٽڻ جو انڪشاف، عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سربراهه غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته قتل ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار ڪيا آهن، مفرور ٿيل 5 جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. محرابپور ڀرسان ٽي مهينا اڳ ڪي ٽي جي  جي رپورٽر عزيز ميمڻ جي  هٿ آيل لاش جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سربراهه غلام نبي ميمڻ نوابشاهه ۾ پريس ڪان فرنس ڪندي چيو ته، شهيد عزيز ميمڻ جي قتل ۾ 8 جوابدار نذير سهتو، فرحان عرف ڪارو ۽ امير عرف اميرو سهتو، مشتاق سهتو، سميت 8 جوابدار ملوث آهن، مشتاق سهتو قتل جو ماسٽر مائينڊ آهي، جيڪو مفرور آهي.

غلام نبي ميمڻ چيو ته، نذير سهتو، فرحان عرف ڪارو ۽ امير عرف اميرو سهتو کي گرفتار ڪيو آهي، جن کي ڪنڊياري جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ ورتو ويو آهي، جوابدار نذير سهتو شهيد عزيز ميمڻ جي قتل جو اعتراف به ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ۽ ماسٽر مائينڊ مشتاق سهتو آهي ان سميت 5جوابدار ڀڳل آهن جن کي جلد قانون جي پڪڙ ۾ آڻينداسين. غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته ڊي اين اي شهيد جي نَنهَنِ مان مليل ٻئي انساني جسم جي جزن جي ملڻ بعد ڪرايل 90 کان وڌيڪ ماڻهن جي ڊي اين ٽيسٽ مان جزن جوابدار نذير سهتو جي جزن سان مئچ ڪري ويا، جوابدار جي ويجهن مائٽن جي به ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي هئي. ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته جاچ دوران شهيد جي وارثن ۽ سندس ٻين مائٽن جي آءِ ٽي جو ڀرپور ساٿ ڏنو.

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي شهيد رپورٽر عزيز ميمڻ جو قتل ٿيو: ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ

نوابشاهه( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌ سماءَچار) محرابپور ۾  ڪجهه مهينا اڳ شهيد ڪيل ڪي ٽي اين نيوز ۽ روزاني ڪاوش جي رپورٽر عزيز ميمڻ جو قتل ثابت ٿي ويو آهي، 3 جوابدار گرفتار، هڪ جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري روتو. شهيد عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي سربراهه ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ نوابشاهه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ، شهيد عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن نذير سهتو، فرحان عرف ڪارو ۽ امير عرف اميرو سهتو کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار نذير سهتو قتل جو اعتراف ڪيو آهي، شهيد جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ۽ ماسٽر مائينڊ مشتاق سهتو سميت 5جوابدارن کي گرفتار ڪرڻو آهي، جوابدار نذير سهتو جي ڊي اين اي شهيد جي جزن سان ملي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *