Friday , March 29 2024

ڊي جي نيب لاهور سياستدانن کي ڪيئن چيڙايو؟؟

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ڊائريڪٽر جنرل نيب لاهور جي مختلف ٽي وي چئنلز کي ڏنل انٽرويو تي ن ليگ سميت اپوزيشن جي پارٽين پاران قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي ڳالهايو، جنهن بعد مهملي واري رٿ اسيمبلي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جمعي ڏينهن اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته، مخالف ڌر نيب لاهور جي ڊي جي سليم شهزاد جي مختلف ٽي وي چئنلز کي ڏنل انٽرويو ۾ اسيمبلي ميمبرن کي نشانو بڻائڻ تي تحريڪ استحقاق آڻڻ جو مطالبو ڪيو. ن چ ليگ اڳوڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڳالهائيندي چيو ته نيب چيئرمين جي هدايتن تي هڪ نيب آفيسر اسيمبلي ميمبرن جو ميڊيا ٽرائل ڪري رهيو آهي. شاهد خاقان چيو ته، ڊي جي نيب پنهنجي انٽرويوز ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، اُهي ساڳيون ڳالهيون اڳ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وزير ڪافي عرصي کان ڪري رهيا هئا، ڊي جي نيب پاران به ساڳيون ڳالهيون ڪرڻ مان واضع ٿي رهيو آهي ته، احتتساب کي ڪٿان ۽ ڪيئن ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي.اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وڌيڪ اسان احتساب چاهيون ٿا پر اهڙن ماڻهن کان احتساب نه ٿا چاهيون جيڪي حڪومت کان پگهار کڻن ٿا،  سپريم ڪورٽ  جي هدايت آهي ته جاچ آفيسر ڪنهن اداري کي بي عزت نه ڪرڻ نه ڏينداسين. هن  تنهن ڪري نيب آفيسر خلاف استحقاق واري رٿ ورتي وڃي.

ڊي جي نيب جي انٽرويو واري معاملي تي ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي ميمبر نويد قمر چيو ته جيڪڏهن ميمبرن جي ميڊيا ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي ته اهو سلسلو جاري رهندو. نويد قمر سوال اٿاريندي چيو ته، ڇا هاڻي نيب جي اها پاليسي آهي ته اهي ماڻهن جو خاص طور تي سياستدانن جو ميڊيا ٽرائل ڪندا رهندا، جنهن تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته استحقاق واري رٿ جو فائل ايندو ته قانوني راءِ وٺندس.  جنهن تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، ڪنهن کي ايم اين اي هئڻ سبب ڇوٽ نه ٿي ڏئي سگهجي، تحريڪ استحقاق جو هٿيار استعمال ڪري ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ درست ناهي، اهڙي ڪنهن به رٿ تي استحقاق آڻڻ قانون خلاف هوندو، مخالف ڌر اسپيڪر کي ڊڪٽيٽ نه ڪري جڏهن ته اپوزيشن ليڊر قانون واري وزير جي اعتراض باوجود نيب ڪيس تي تقرير ڪئي.  قومي اسيمبلي پاران جمع ڪرايل استحاق واري رٿ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڊي جي نيب اسيمبلي ميمبرن جي ساک مجروح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊي جي نيب چيئرمين جي مرضي سان ٽي وي چئنلز کي انٽرويو ڏنو جنهن ۾ مخالف ڌر ميمبرن جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، ڊي جي نيب ڳجهي جاچ ۽ دستاويز ميڊيا تي ڏيکاريا تنهن ڪري معاملي تي استحقاق واري ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *