Thursday , March 28 2024

ڇو نه نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا معطلي وارو فيصلو ڪالعدم ڪري ڇڏيون؟ چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سپريم ڪورٽ ۾ نيب جي اپيل تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ ضمانت جي درخواست جو فيصلو ڪندي ڪيئن چئي ٿي سگهي ته شاهدين ۾ خاميون آهن، ڇو نه نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا معطلي وارو فيصلو ڪالعدم ڪري ڇڏيون. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا معطلي واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته هاءِ ڪورٽ آئيني درخواستن کي ٻڌڻ وقت ڪيس جي حقيقتن تي ڳالهيون ڪيون، مخصوص ڪيسن ۾ عدالتون ڪيس جي حقيقتن تي ڳالهائي سگهن ٿيون. نيب جي وڪيل چيو ته ڪنهن جوابدار جي زندگي کي خطرو هجي يا اپيل گهڻي عرصي تائين مقرر نه ٿئي ته حقيقتن تي ڳالهائي سگهجي ٿو. اهڙن ڪيسن ۾ مخصوص ڪيس چوندا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان اڳ به اهو دليل ڏئي  چڪا آهيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ضمانت جي ڪيسن ۾ عام طور تي مثال موجود آهن، عدالت عام ڪيسن ۾ حقيقتن جو جائزو نه وٺنديون آهن، هي خاص ڪيس آهي.

چيف جسٽس چيو ته هاءِ ڪورٽ سمورين حقيقتن جو جائزو ورتو، شايد منهنجي خيال ۾ هي پهريون ڪيس آهي، جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ سمورين حقيقتن تي ڳالهايو هو. چيف جسٽس نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اسان خواجا حارث کي ٻڌي ٿا وٺون، جنهن تي خواجا حارث چيو ته هو ڪامياب اينجو پلاسٽي تي کيس واڌايون پيش ڪري ٿو.اوهان بيمار لڳي رهيا آهيو، اوهان کي آرام ڪرڻ گهرجي، ڪيس جي ٻڌڻي ڪنهن ٻئي ڏينهن تي مقرر ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته هي ڪيس هڪ فرد جو نه آهي پر عدالتي نظام ۾ بهتري جو معاملو آهي، انهيءَ ڪري آيو آهيان، هي قانون جي تشريح جو معاملو آهي. خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته فيصلو رڳو 12 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ هاءِ ڪورٽ باقي ڌرين جون سفارشون لکيون آهن. نوازشريف جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سڀ کان اڳ بينڪنگ جي قانون تحت ضمانت ختم ڪئي وئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هن ڪيس ۾ اپيلون هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، سزا معطلي رٽ پٽيشن تي فيصلو ڪيو ويو، ڇا نيب اها شئي چيلنج ڪئي. چيف جسٽس چيو ته اسان رڳو رحم دلي تحت نيب جي درخواست رد ڪئي هئي، سپريم ڪورٽ ته وڏي مهرباني ڪئي آهي، هاءِ ڪورٽ ضمانت جي درخواست جو فيصلو ٻڌائيندي ڪيئن چئي سگهي ٿي ته شاهدين ۾  نقص آهن، ڇو نه اسان انهيءَ فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيون. چيف جسٽس چيو ته ڪو هڪ اهڙو فيصلو ٻڌايو وڃي، جيڪو اهڙو هجي، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم ڪرڻ جو ڪو آپشن نه آهي. نوازشريف خلاف ڪيس ته ماتحت عدالت ۾ وڃڻ ئي نه گهرجي ها، ان معاملي کي ته سپريم ڪورٽ کي طئي ڪرڻ گهرجي ها. چيف جسٽس چيو ته نه هي ٽرائل ڪورٽ آهي ۽ نه ئي هاءِ ڪورٽ، هي سپريم ڪورٽ آهي. چيف جسٽس جسٽس پڇا ڪئي ته سزا معطلي لاءِ عدالتي فيصلن ۾ ڪٿي لکيل آهي ته فشنگ ڪئي وڃي، اوهان ٻڌايو ته احتساب عدالت جي فيصلي ۾ ڪهڙو نقص آهي، جنهن تي نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث چيو ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن تي فرد جرم لاڳوڪيو ويو. عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد شريف ڪٽنب جي سزا معطلي خلاف نيب جي اپيل تي ٻڌڻي 12  نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *