Wednesday , April 24 2024

پ پ جي جيالي پارٽي پاران نظرانداز ڪرڻ تي اڳواڻن خلاف احتجاج

PPP worker

فيض گنج واسي پ پ جيالي اڳواڻن پاران مسلسل نظر انداز ڪرڻ تي پاڻ ساڙڻ جو چتاءَ ڏئي ڇڏيو، خبر موجب فيض گنج جي ڳوٺ صالح شر واسي هادي بخش شر گڏهه گاڏي تي پ پ جهنڊي سان گڏ احتجاج طور ڪارو جهنڊو ٻڌي شهر جو گشت ڪرڻ بعد ميڊيا آفيس پهچي دانهيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قائم ٿيڻ کان وٺي پارٽي سان نڀايو، جلوسن ۾ پري پري تائين وڃي شريڪ ٿيس، جيل ۽ سختيون ڀوڳڻ سان گڏ پورهيو ڪري گذر سفر ڪيو، پر مقامي اڳواڻن ۽ پارٽي عهديدارن مسلسل نظر انداز ڪيو، هن چيو ته 6 ٻارن جو پيءَ آهيان ڪيترا ڀيرا اڳواڻن وٽ وڃي ڪنهن هڪ ٻار کي روزي لڳائڻ لاءِ دانهيو پر ملڻ کان ئي انڪار ڪيو ويو، هن چيو ته شهيد راڻي کانپوءِ ڪارڪنن جي ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري 4 اپريل تي شهيدن جي مزارن آڏو پارٽي اڳواڻن جي نظر انداز ڪرڻ ۽ اڍنگي رويئي خلاف پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندس

About Asghar Azad

Check Also

ڪرونا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1020 ٿي ويو

 سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 1020، پنجاب ۾2040 ٿي ويو پاڪستان ۾ مريضن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *