Wednesday , April 17 2024

پيپلز پارتي رضا رباني کي سينيٽ چيئرمين لاءِ نامزد ڪندي ته حمايت ڪنداسين: نواز شريف

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار)   اڳوڻي وزير اعظم ۽ ن ليگ جي تاحيات قائد نواز شريف، رضا رباني کي سينيٽ جو ٻيهر چيئرمين بڻائڻ جي آڇ ڪندي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف چيو آهي ته مان مولانا فضل الرحمان کي چيو آهي ته رضا رباني سٺو سينيٽ چيئرمين رهيو آهي پ پ کيس ٻيهر نامزد ڪري ته اسان حمايت ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ نون ليگ جي قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي جماعتن جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان، محمود خان اچڪزئي، مير حاصل بزنجو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نواز شريف اتحادي جماعتن آڏو تجويز رکي ته پ پ پاران جيڪڏهن رضا رباني کي سينيٽ چيئرمين لاءِ نامزد ڪيو وڃي ٿو ته ان جي حمايت ڪئي وڃي. نواز شريف جي تجويز کي اتحادي جماعتن جي اڳواڻن سٺو قرار ڏنو ۽ رضا رباني جي نالي جي تجويز جي حمايت ڪئي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پ پ جيڪڏهن رضا رباني بدران ڪنهن ٻئي جو نالو سامهون آندو ته نون ليگ ۽ ان جا حمايتي پ پ جو ڀرپور مقابلو ڪندا. نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سموريون اتحادي جماعتون پنهنجا نمبر پورا ڪنديون، نمبر گيم جو انگ پورو ٿيڻ بعد مشاورت ڪئي ويندي ۽ پوءِ اتحادي جماعتون پنهنجا اميدوار سامهون آڻينديون. ذريعن موجب اجلاس ۾ نواز شريف مولانا فضل الرحمان کي ٽاسڪ ڏنو ته هو آصف زرداري سان ملاقات ڪري رضا رباني جي نالي بابت کيس آگاهي ڏئي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان غير رسمي گفتگو ڪندي نواز شريف چيو ته چيئرمين سينيٽ لاءِ مولانا فضل الرحمان سان به مشورو ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان کي چيو آهي ته رضا رباني سٺو سينيٽ چيئرمين رهيو آهي، ان کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. نواز شريف چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي رضا رباني کي سينيٽ چيئرمين لاءِ نامزد نه ڪيو ته پوءِ هو پنهنجو اميدوار سامهون آڻيندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *