Tuesday , March 26 2019
uren
Breaking News

پيئڻ جو گندو پاڻي مهيا ٿيڻ وارو معاملو، مرادعلي شاهه کي سپريم ڪورٽ طلب ڪري ورتو

ڪراچي( چيف رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پيش ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، سنڌ جا ماڻهو گندو پاڻي پي رهيا آهن. چيف سيڪريٽري ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي ته هاڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٿا گهرايون.

سنڏ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران، چيف جسٽس ثاقب نثار چيف سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ڪجهه ن ه ٿا ڪري سگهو ته وڏي وزير کي ٿا گهرايون. جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمرو اعتراض واريندي چيو ته، معاملي تي پهريان مونکي وضاحت پيش ڪرڻ ڏيو، وڏي وزير کي نوٽيس جاري نه ڪيو. ايڊووڪيٽ جنرل جي اهڙي موقف تي چيف جسٽس چيو ته، اي جي صاحب پريشان ڇو ٿا ٿيو، وڏي وزير کي گهرائي هتي هي پيئڻ وارو پاڻي گندو مهيا ٿيڻ واري وڊيو ڏيکارڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن ڀلي وڊيو ۽ صاف پاڻي آهي ته تعريف ڪندو.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻ ي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته، لاڙڪاڻو حڪمران پارٽي جو شهر آهي پر اتي ئي 80 سيڪڙو ماڻهو گندو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي واپرائي رهيا آهن. وڏي وزير سان گڏ عدالت ۾ سندس ڪرتاڌرتائن کي به گهرائينداسين ۽ هي وڊيو کين ڏيکارينداسين. (جاري)

About Asghar Azad

Check Also

ملير ۾ 4 ماڙ عمارت ڪِري پئي، 3ڄڻا فوت،14 کان وڌيڪ دٻيل

Share this on WhatsAppڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ملير واري علائقي ۾ رهائشي عمارت ڌماڪي سان ڪري پئي، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *