Monday , March 25 2019
uren

پوڙهن جو هڪ ديس!_ آفتاب احمد خانزادو

Aftab Khanzado

پاڪستان پوڙهن جو ديس بڻجي ويو آهي، جتي ٻار به پوڙها پيدا ٿي رهيا آهن. جتي ڪو نوجوان يا جوان ڪونهي، پر سڀ جا سڀ پوڙها آهن. اداس، ڳڻتين جا ماريل نٻل، بيمار پوڙها، جن کي ڏسي ڊپ ٿيڻ لڳندو آهي. جيڪي نه ته کلندا آهن، نه مُرڪندا آهن ۽ نه ئي وري ٽهڪ ڏيندا آهن. اهي نه جيئندا آهن، بس سمورا سڀاڻي جي ڳڻتيءَ ۾ مري رهيا آهن. جتي هڪ طرف پوڙها پيدا ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف هڪٻئي پٺيان اهي پوڙها مري رهيا آهن، بي موت مري رهيا آهن. اچو ته اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته اهي بي موت ڇو پيا مرن؟ سائنسدانن صرف جيوڙن ۽ جراثيمن کي ئي رڳو انساني صحت جو دشمن قرار ناهي ڏنو، پر اهي چون ٿا ته گهڻي ڀاڱي انسان پاڻ به پنهنجو دشمن ٿي ويندو آهي. ناڪاري سوچون ۽ هٿرادو پيدا ڪيل ذهني دٻاءُ، مخصوص رويو ۽ انداز انسان لاءِ جراثيمن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. انسان جراثيمن جي حملي کان ته بچي سگهي ٿو، پر ناڪاري سوچن، ذهني دٻاءَ ۽ مخصوص روين جي حملي کان بچي نٿو سگهي. تازي تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته اهي ماڻهو، جن ۾ هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي شخصيتون گڏ اسري ۽ پلجي رهيون آهن، اهي پاڻ پنهنجي شخصيت جي ڪنهن رخ يا جذبن جي حملي سان شديد زخمي ٿي سگهن ٿا ۽ اهو شديد حملو موتمار به ٿي سگهي ٿو. انهن جي اندر ۾ هر وقت ”ها“ ۽ ”نه“ جي جنگ جاري رهندي آهي. اهي ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي عمل ۽ فيصلي مان مطمئن نه هوندا آهن، ڇو ته انهن جي اندر مختلف شخصيتون هڪٻئي سان تڪرار ۽ ٽڪراءَ ۾ رهنديون آهن. ان ڪري اهي هر وقت جنگ جي حالت ۾ رهندا آهن. اڳوڻي کوجنا موجب، انسان پنهنجي جسم جي نفسياتي جوڙجڪ، خراب خوراڪ غير صحتمند زندگي گهارڻ جي انداز ۽ ٻين ڳالهين جي ڪري بيمار ٿيندا هئا، پر جديد سائنسي تحقيق اهو ٻڌائي ٿي ته سڄي دنيا ۾ موجود 50 کان 60 سيڪڙو بيمارين جو تعلق ذهني دٻاءَ سان آهي. اهي ماڻهو جيڪي ذهني دٻاءَ ۾ هوندا آهن، انهن ۾ ڪنهن به بيماريءَ کان متاثر ٿيڻ جي ”صلاحيت“ هڪ نارمل ماڻهو جي مقابلي ۾ ٽيڻ تي هوندي آهي، انهن ۾ نڙيءَ جون بيماريون، دل جون بيماريون مختلف قسم جا السر، ڪينسر، جيري جو وڌي وڃڻ، ننڊ نه اچڻ، مٿي جو سور ان ذهني دٻاءَ جا ئي تحفا هوندا آهن، جيڪا اسان جي اڪثريت سڄي زندگيءَ خوشيءَ سان وصول ڪندي رهندي آهي ۽ الزام وري جراثيمن تي لڳايو ويندو آهي.

پاڪستانين کان وڌيڪ رحم جوڳي ٻي ڪا قوم ٿي ئي نٿي سگهي. هڪ طرف ته اهي پاڻمرادو مري رهيا آهن ۽ ٻئي طرف اهي پنهنجن جي هٿان مرندا وڃن ۽ ٽئين پاسي وري اهي پنهنجن اختيار ڌڻين جي نيتن ذريعي مري رهيا آهن. اهي ملاوٽ، غربت، بُک ۽ بيروزگاريءَ سبب پڻ مري رهيا آهن. مذهب جي نالي تي به مرن پيا. نه صرف اهو، پر اهي لالچ، ڪرپشن ڦرلٽ هٿان پڻ مرندا پيا وڃن. انهن جي اها حالت ڏسي آئون پروميٿس جي انهن جملن ۾ ٻڏي ويندو آهيان، ”ايذاءُ ۽ عذاب جيڪي سالن کان هلندا اچن، تن جو ڪو به ڳاڻيٽو ئي ڪونهي. قيد ۽ بند جون تڪليفون سڀ ڏاتار جون ڏنل آهن. اهو ڏاتار جيڪو ديوتائن جو نئون آقا آهي. ڏکن ۽ دردن جا اهي ختم نه ٿيندڙ سلسلا منهنجي ڏکن جو ترياق آهن.“ گڏوگڏ عظيم يوناني ڏاهي سوفو ڪليز جي لکيل ڏکاري ناٽڪ ”شاهه اوئي دي پوس“ جو منظر ياد اچي ويندو آهي، ”ٿيبيز ۾ اوئي دي پوس جي محل سامهون ماڻهن جو ٽولو سائلن جي روپ ۾ قربان گاهه جي سامهون ويٺل آهي. انهن ۾ زيوس جو پوڙهو پوڄاري به شامل آهي، اوئي دي پوس دروازي مان داخل ٿئي ٿو.

اوئي دي پوس: ڪيڊمس جي گهراڻي جا فرزندو! ڇا معاملو آهي؟ اڄ توهان سڀ سائلن جي روپ ۾ مٿي تي ڪافور جون ٽاريون سجائي ڇو آيا آهيو؟ شهر ۾ لوبان جي بوءِ ڇو پکڙيل آهي؟ ايذائن کي دور ڪرڻ لاءِ دعائون ڇو پيون گهريون وڃن؟ مون اهو مناسب سمجهيو ته آئون پاڻ اچي اهو ڏسان، ڪنهن قاصد کي نه موڪليان. آئون اوئي دي پوس، جنهن کي سڀ سڃاڻن ٿا. توهان سڀ پيرسن آهيو، توهان کي اهو حق حاصل آهي ته توهان سڀني جي ترجماني ڪريو، توهان مون کي ٻڌايو ته آخر ڇو قربان گاهه جي سامهون گڏ ٿيا آهيو؟ ڇا توهان ڪنهن ڳالهه کان ڊڄو ٿا؟ توهان هتي ڇو آيا آهيو؟ توهان کي ڇا گهرجي؟ جيتري حد تائين ممڪن ٿي سگهيو آئون توهان جي مدد ڪندس. جيڪڏهن آئون توهان کان توهان جي هتي اچڻ جو مقصد نه پڇان، ته اهو ظلم هوندو.

پوڄاري: اي مالڪ، وقت جا بادشاهه! اسان سڀ پوڙها ۽ جوان هتي گڏ ٿيا آهيون. اسان ۾ ڪجهه پوڄاري آهن، ڪجهه ٿيبيز جا سهڻا جوان آهن ۽ آئون زيوس جو پوڄاري آهيان. اڃان ڪجهه ٻيا به  آهن، جيڪي پلاس ايٿنا جي ٻن هڪٻئي جي ڀروارين قربان گاهن تي گڏ ٿيا آهن، جيڪي قربان گاهن اسمينن جي هاتف جي آتشڪدي جي ويجهو آهن. عالي جاهه! توهان ڏسي رهيا آهيو ته سڄو شهر ڪيڏي نه تڪليف ۾ ورتل آهي. موت ان مٿان لامارا پيو ڏي. هاڻي ان کي سلامتي گهرجي. زمين تي، فصلن ۾، ٻنين ۾ جيڪو چوپايو مال گهمي ڦري رهيو آهي، اهو موت جي وڪڙ ۾ آهي. شهر ۾ طاعون بيماري ڦهلجي رهي آهي. ڪيڊمس جو گهراڻو تباهه ٿي رهيو آهي ۽ هيڊيز ۾ لاشن جا ڍير لڳا پيا آهن، اُتي دانهون ۽ ريهون ٻڌڻ ۾ پيون اچن. اهو سبب آهي جو هي ٻار ۽ آئون توهان وٽ آيا آهيون. اسان توهان کي ديوتا نٿا سمجهون پر اهو ضرور سمجهون ٿا ته فاني انسانن مان توهان کي اهو رتبو حاصل آهي ته توهان انهن مسئلن جو حل ڳولي سگهو ٿا، جن کي انسان ڀوڳي رهيا آهن ۽ جن مسئلن جو حل ديوتائن انسان کي ڏنو آهي. توهان کي ياد هوندو ته توهان اڳ ۾ به ٿيبيز ۾ آيا هئا ۽ اسان کي ان عذاب کان ڇوٽڪارو ڏيارو هو. ان وقت توهان اسان کان وڌيڪ علم وارا نه هئا، اسان توهان جي ڪا مدد نه ڪئي هئي، ديوتا توهان جي واهر لاءِ آيا هئا ۽ توهان اسان کي ٻيهر معمول جي زندگي عطا ڪئي هئي. هاڻي ٻيهر عظيم اوئي دي پوس توهان کان مدد گهرڻ آيو آهي، اسان جي ڪجهه مدد ڪريو. اسان کي يقين آهي ته توهان هاڻي به اسان جي مدد ڪندا. اي آقا! اسان جي شهر جون رونقون بحال ڪريو، ماڻهن کي خبر آهي ته ماضيءَ ۾ به توهان کين انهن مايوسين مان ٻاهر ڪڍيو هو. اسان جي حفاظت ڪريو.

جيڪڏهن توهان کي هن ملڪ تي حڪومت ڪرڻي آهي ته ماڻهن تي حڪومت ڪريو، نه ڪي ان ديوار تي جيڪا ويرانن کي گهيري ۾ آڻيندي آهي. انسانن کانسواءِ نه ڪا ديوار، نه شهر ۽ نه ئي وري ڪو جنگي ٻيڙو مضبوط هوندو آهي. اسان ڪريون ته ڇا ڪريون؟ اسان سڀ پوڙها ايترا ته اڀاڳا آهيون، جو ڪنهن اوئي دي پوس وٽ وڃي دانهون به نٿا ڪري سگهون، ڇو ته اسان وٽ ڪو اوئي دي پوس نه آهي ۽ اسان سڀ لاوارث آهيون.

About Asghar Azad

Check Also

Indus Cascade – a disaster in the making: Dr Hassan Abbas

Share this on WhatsAppIndus Cascade – a disaster in the making: Dr Hassan Abbas The …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *