Friday , April 19 2024

پاڪستان کي 12 جي ضرورت مان ارب ڊالرز مان 6 ارب سعودي ڏنا، 6 ارب ڊالرز چين پاران ملڻ جو آسرو

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار) ناڻي واري وفا     قي وزير اسد عمر دعويٰ ڪئي آهي ته، هاڻي پاڪستان کي ادائگين جو توازن برقرار رکڻ لاءِ جيترن ڏوڪڙن جي ضرورت هئي اُها پوري ٿي وئي آهي، اسد عمر اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، پاڪستان جو ادائيگين جي توازن جو جيڪو12 ارب ڊالرز بحران هو اُهو ختم ٿي ويو آهي ڇو ته 6 ارب ڊالر سعودي عرب کان مليا آهن 6 ارب رپيا چين مان جلد  ملي ويندا؛ شاهه محمود قريشي چيو ته چين سان 15 ٺاهه  ڪيا ويا آهن، چين سان اسٽريٽجڪ دوستي ڪاروباري دوستي ۾ تبديل ٿي وئي آهي. چين جي دوري کانپوءِ پرڏيهي آفيس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي  ۽ خزاني جي وزير اسد عمر گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. اسد عمر چيو ته مان واضح لفظن ۾ چوان ٿو ته ادائيگين جي توازن ۾ جيڪو بحران هو، اهو هاڻ ختم ٿي ويو آهي ۽ مستقل توازن آڻڻ لاءِ ايڪسپورٽ وڌائڻ جي ضرورت آهي. خزاني جي وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته اعليٰ سطحي وفد 9 نومبر تي چين وڃي رهيو آهي، جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ جو گورنر به شامل هوندو ۽ اهو وفد چين ۾ ادائيگين جي توازن جي حوالي سان صورتحال جي وضاحت ڪندو. هن چيو ته ٻن مهينن کان گوڙ ڪيو پيو وڃي ته حڪومت معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پر ايڪسپورٽ  وڌائڻ لاءِ ٻن اڍائي مهينن ۾ اهم قدم کڻڻا آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته وزيراعظم جو چين جو دورو ڪارائتو رهيو. هن چيو ته چين سان لاڳاپن جي نوعيت نرالي آهي،چين سان لاڳاپا اسٽريٽجڪ ته هئا، هاڻ انهن جي جاءِ واپار سنڀالي ورتي آهي. هن چيو ته دوري جي پڄاڻي 15 ٺاهن تي صحيحن سان ٿي. هن چيو ته چين اهڙو ملڪ آهي، جنهن 30 سالن ۾ 70 ڪروڙ عوام کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو آهي، چين سان زرعي ٽيڪنالوجي پاڪستان ۾ آڻڻ ۾ اڳڀرائپ ٿي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *