Friday , April 19 2024

ونڊ ۽ سولر پاور منصوبن بابت سي سي آءِ کانسواءِ ڪنهن وزارت يا ڪميٽي جا فيصلا نه مڃينداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته، ونڊ ۽ سولر پاور منصوبن بابت فيصلا ڪرڻ سي سي آءِ جو اختيار آهي، پاور منصوبن بابت ڪنهن به وفاقي وزارت يا ڪميٽي جو فيصلو غيرقانوني ۽ غير آئيني هوندو جيڪو قبول نه ڪنداسين. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سي ايم هائوس ۾ وزيراعظم جي توانائي بابت خاص معاون شهزاد قاسم وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات بعد جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو آهي. وڏي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، ملاقات دوران وڏي وزير چيو ته توانائي بابت ڪابينا جي ڪميٽي پاران ڪيل هڪ طرفي ۽ صوابديدي فيصلي سان صوبائي مفاد متاثر ٿي رهيا آهن. اليڪٽرڪ سٽي آئين جي وفاقي قانونسازي ۾ اينٽري نمبر 4، پيرا گراف نمبر 2، شيڊول چار تي موجود آهي. سي سي ئي اڪيلو آئيني ۽ قانوني فورم آهي جيڪو پاليسي ساز فيصلا ڪري سگهي ٿو، اليڪٽرڪ سٽي بابت سي سي او اِي جو ڪوبه پاليسي فيصلو سي سي آءِ جي قائدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي برابر آهي، جيڪو عمل آئيني ادارن جي خلاف آهي. وڏي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، سي سي او اِي هڪ طرفي طور تي سولر ۽ ونڊ پروجيڪٽس جي لائيف 20 سالن کان گهٽ ڪري 15 سال ڪئي آهي. سي سي او اِي هلندڙ ننڍن هائيڊرو، ونڊ ۽ سولر رٿائن تي پابندي لاڳو ڪئي آهي. هن وزيراعظم جي خاص معاون تي زور ڀريو ته اهي سمورن رينيوئيبل انرجي (آر اِي) منصوبا جيڪي رينيوئيبل انرجي پاليسي 2006ع تحت ايل او آئيز رکن ٿا انهن کي جاري رکيو وڃي.

رينيوئيبل انرجي پاليسي 2006ع جو حوالو ڏيندي وڏي وزير چيو ته ان پاليسي ۾ سيڙپڪارن کي سموريون مراعتون فراهم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته مان سي سي او اِي ۽ اي سي سي کي صلاح ڏيندس ته اهي ٻيهر اليڪٽرڪ سٽي بابت ڪوبه فيصلو نه ڪن ڇاڪاڻ ته سي سي آءِ هڪ صحيح فورم آهي. مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن رينيوئيبل انرجي رٿائن جي ٽيرف 5 سينٽ کان گهٽ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي جيڪو سرڪاري ناڻي کي فليو جي خريداري فورڪس آئوٽفلوز جاري رهندو. ان تي شهزاد قاسم چيو ته هڪ انرجي ماهر چيو آهي ته جيڪڏهن 1000 ميگاواٽ رينيوئيبل انرجي پاور پروجيڪٽ حڪومت لڳائي ٿي ته هر سال فورڪس ۾ 14 ارب رپيا بچائڻ جي قابل هوندا، انڪري اسان رينيوئيبل انرجي پروجڪٽس جي پيداوار تي توجهه ڏني آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبو وٽ 60 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 80 ڪلوميٽر ڪشادو سامونڊي ونڊ ڪوريڊور آهي. هن چيو ته سنڌ پاڪستان جو انرجي حب آهي، ٺٽي ۾ 55000 ميگاواٽ ونڊ انرجي پيدا ڪرڻ جي گنجائش آهي، 10 جي ڊبليو سولر انرجي (سراسري 5.5 ڪي ڊبليو ايڇ/ ايم ٽو/ روزانو) 130 ميگاواٽ هائيڊرو، (لو هيڊ اينڊ رن آف دي ريور) 1000 ميگاواٽ ڪچري مان بجلي پيدا ڪرڻ، 500 ميگاواٽ واٽر انرجي (ڪراچي روزاني 11000 ميٽرڪ ٽن ڪچرو پيدا ڪندو آهي) 550 ايم ڊبليو جيوٿرمل جي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت کان درخواست آهي ته اهي رينيوئيبل انرجي رٿائن کي جاري رکڻ جي منظوري ڏني وڃي ته جيئن انهن رٿائن تي ڪم ڪري سگهجي، هن وڌيڪ چيو ته ان حوالي سان وڌيڪ خانگي ڪمپنيون راغب ٿي سگهنديون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *