Thursday , March 28 2024

نيب هٿان گرفتار سيڪريٽري لينڊيوٽيلائيزيشن آفتاب ميمڻ جو سهڪار، نتيجا ملڻ شروع

ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ وارن ڪيسن ۾ ڪجهه ڏينهن پهريان نيب پاران گرفتار ڪيل آفتاب ميمڻ جي پاران نيب سان سهڪار جا نتيجا ملڻ شروع ٿي ويا آهن، نيب جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ وڌيڪ ٻن اهم جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب عبدالجبارميمڻ ۽ شبير ڀمڀاٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. sindhsamaachar.com کي ذريعن کان مليل ڄاڻن مطابق جبار ميمڻ ۽ شبير ڀمڀاٽ کي نيب پاران گڏ ڪيل معلومات تحت سندن خلاف  ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو هو، ان کان هنن ٻنهي کان پڇاڳاڇا به ڪئي وئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، تازيون گرفتاريون نيب پاران ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل لينڊ يوٽيلائيزيشن بورڊ آف روينيو سنڌ جي سيڪريٽري آفتاب ميمڻ جي سهڪار جو نتيجو آهن، جيڪو هُو گرفتاري کان اڳ ۽ هاڻي ڪري رهيو آهي. sindhsamaachar.com جي معلومات مطابق جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽئڪسيشن کاتي جي ڪجهه ڪامورن ۽ عملدارن خلاف ڪارروائي جو امڪان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *