Thursday , March 28 2024

نواز شريف کي العزيزيه ڪيس ۾ 7 سال قيد جي سزا،25ملين ڊالرز ڏنڊ

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار)  احتساب عدالت اعزيزيه ڪرپشن ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 7 سال قيد 25 ملين ڊالرز جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏ آهي، عدالت نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز کي مفرور قرار ڏنو ويو آهي. احتساب عدالت هڪ ٻئي ڪيس فليگ شپ ڪرپشن ريفرنس ۾ لڳايل الزامن مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. نيب اختيارين نواز شريف کي احتساب عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري اڳ ۾ ئي موجود بڪتر بند گاڏي ۾ منتقل ڪيو ويو. عدالت العزيزيه ڪيس ۾ حسن ۽ حسين نواز جي عدالت ۾ پيش نه ٿي ڪري ٻنهي کي مفرور قرار ڏنو ويو آهي. نواز شريف عدالت کي هنڪ درخواست ڏني آهي ته کيس اڊيا جيل موڪلڻ بدران سندس لاهور واري رهائش گاهه کي سب جيل قرار ڏئي اتي منتقل ڪيو وڃي. فليگ شڦ رينفرنس مان آجو ٿيڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ پاران اڳ ۾ نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ واري فيصلي تي سواليه نشان اچي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *