Thursday , March 28 2024

نواز شريف جو ممبئي حملن بابت بيان کانپوءِ قومي سلامتي جو اجلاس سومر تي طلب

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ممبئي حملن بابت پاناما ڪيس ۾ نااهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي تاحيات قائد ميان نواز شريف جي بيان کانپوءِ ان تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ قومي سلامتي ڪميٽي (سڌنيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل) جو اجلاس سڏايو ويو آهي، پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس  پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي/بيان ۾ چيو ويو آهي ته، ممبئي حملن بابت گمراهه ڪندڙ واويلا تي غور ويچار ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور موجب قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏهاڙي 14 مئي تي ٿيندو. نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جي تجويز وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته اجلاس ۾ ممبئي حملن بابت گمراهه ڪندڙ بيان تي غور ڪيو ويندو. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته اجلاس ۾ ملڪ جي اندرين ۽ سرحدي سيڪيورٽي صورتحال توڙي سلامتي معاملن تي به غور ڪيو ويندو. اجلاس جي صدارت وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪندو. اجلاس ۾ پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد  باجوا، پاڪستان ايئر فورس ۽ پاڪ نيوي جا سربراهه به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾  قومي سلامتي بابت وزير اعظم جو خاي صلاحڪار ناصر جنجوعه سميت مختلف وفاقي وزير ۽ ڳجهن ادارن جا آفيسر شرڪت ڪندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *